اڪثر اسپتالن ۾ عملي کي حفاظتي ڪٽس نه مليون،احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ عملي کي اڃا ڪورونا ڪٽس نه مليو عملي جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن. مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پير ميڊڪ عملي احتجاجي مظاهرا شروع ڪيا آهن. ***مورو  مان اياز سولنگي موجب پي ايم اي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تعلقي اسپتال مورو جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاء ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر يوسف نول، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر معشوق علي چانڊيو، اختيار علي ڏهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيو ته ڪرونا وائرس بيماري سبب اسان پهرين مورچي تي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي مريضن جي خدمت ڪري رهيا آهيون پر هن مهل تائين اسان کي پنهنجي حفاظت لاءِ نه ڪٽون مليون آهن نه ئي ماسڪ ۽ نه ئي وري هينڊ گلوز مليا آهن، روزانو دلاسا ڏئي رهيا آهن.*** دادو مان ادل مهيسر موجب آئيسوليشن سينٽرن ۾ سھولتون موجود ناھن دادو ۾ ڊيوٽيون ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي ڪرونا کان بچاءَ جو سامان نه ڏنو ويو آھي. عملي احتجاج جي ڌمڪي ڏني آهي. انتظاميه ھٿ وٺي ڪرونا کي دعوت ڏئي رھي آھي جنھن ۾ شھري به سندن ڀاڱي ڀائيوار آھن جيڪي لاڪ ڊائون تي عمل نه ڪري رھيا آھن.ٻئي پاسي غريب مزدور طبقو 2 ويلا ماني لاءَ پريشان آھي سنڌ حڪومت جلدي لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت نقصان جو انديشو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو