اکين جي علاج لاءِ 2 مختلف ڪيمپون 150 مريضن جو آپريشن

ميرپورخاص(سيدبشيرشاھ) ٽنڊو جان محمد شھر ۾ سخي جان محمد سٽيزن ڪلب پاران لڳايل ٻن ڏينهن واري اکين جي مفت ڪيمپ پڄاڻي تي پھتي.ڪيمپ ۾ 350 مريضن جي اکين جو معائنو ڪيو ويو ۽ 100 مريضن جي اکين جا آپريشن ڪيا ويا. ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر اعجاز انصاري، ڊاڪٽر امتياز، ڊاڪٽر افتخار ۽ ٻين اکين جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن حصو ورتو. ڪيمپ ۾ ايم ايڇ ڪي گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد جي اسڪائوٽ شاگردن استاد  راڻا مظھر جي اڳواڻي ۾ حصو ورتو.

ڪيمپ ۾ ٽنڊو جان محمد جي معزز شھرين مريضن لاءِ کاڌي پيتي جو بھترين انتظام ڪيو. ھي ڪيمپ ٽنڊو جان محمد جي معزز چوڌري امجد ساھي جي تعاون سان لڳائي وئي. هڪ ٻئي ڪيمپ درگاھ عاليه لنواري شريف جي اٺين گادي نشين سائين محمد حسن معروف سائين حسن قادر جي حڪم تي ٽنڊو جان محمد ويجھو ڳوٺ بچل خاصخيلي ۾ اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي آھي،جنهن ۾ اکين جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر پرشوتم، ڊاڪٽر جواهر لعل ۽ ڊاڪٽر ممتاز علي ڏيرو حصو ورتو. هن ڪيمپ جو افتتاح مير طارق ٽالپر انڊھلو، مير نذير ٽالپر، ضلع ميمبر خادم حسين بهراڻي ۽ يوسي چيئرمين رفيق ڌونڪائي  ڪيو، هن ڪيمپ ۾  250 مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ 50 کان مٿي مريضن جي اکين جا آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا ۽ چشما پڻ ڏنا ويا،هن ڪيمپ ۾ رضاڪارانه طور درگاھ لنواري شريف تنظيم نجات جي نوجوانن ڀرپور حصو ورتو.

هن ڪيمپ ۾ سماجي سياسي اڳواڻ به شريڪ ٿيا،جنھن ۾ پ پ پ اڳواڻ رحمت الله درس، نعيم خاصخيلي، خانچند مڪواڻا ۽ يوسي چيئرمين عبدالڪريم دل ۽ ٻيا شامل هئا.هي ڪيمپ ڳوٺ بچل خاصخيلي جي سائين مختيار خاصخيلي،فقير علي محمد جوڻيجو،جميل خاصخيلي، رشيد خاصخيلي،وحيد جان خاصخيلي،نويد جان خاصخيلي ۽ سانوڻ خاصخيلي جي سهڪار سان لڳائي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو