ايل بي او ڊي کي گهارو، سمن سرڪار درگاهه کي خطرو

ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون).ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (L B O D) سم نالي کي 283 آر ڊي وٽان 70 فوٽ کان وڌيڪ گھارو پئجي ويو پاڻي سيد سمن سرڪار جي درگاھ ۽ پنگريو شھر ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو يوسي سمن سرڪار جا سوين ڳوٺ ۽ پنگريو شھر ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آھي۔ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ جو چيو ويو آھي۔ سوين ايڪڙن تي پوکيل مرچ، ٽماٽي، ڦٽي ۽ سارين سميت ڀاڄين جا فصل مڪمل ٻڏي وڃڻ جي ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو آھي۔ جڏهن ته پهتل سرڪاري مشينري گھاري واري هنڌ تائين پهچڻ لاء رستو نه هجڻ ڪري چار ڪلو ميٽر پري بيٺل آھي۔ هوڏانهن ذميوار ڪامورن مان ڪير به آخري اطلاعن تائين گھاري واري هنڌ نه پهتو.

Photo Sindhyar

هوڏانهن اکين جي خيراتي اسپتال ليٽن رحمت الله بينوويلنٽ ٽرسٽ (LRBT) مان برسات جو پاڻي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود ٽائون انتظاميا جي مبينا غفلت ۽ لاپرواهي جي ڪري نڪري نه سگھيو جنهن ڪري اسپتال جي عملي ۽ مريضن کي سخت ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پئجي رھيو آھي۔ اسپتال جي ملازم احمر ميمڻ جو چوڻ آھي ته اسپتال جي بلڪل پٺئين پاسي ٽائون ڪميٽي وارن جو ڊرينيج سسٽم آھي جتي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري مشين نصب ٿيل آھي جيڪا گذريل ٽن ڏينهن کا بند هجڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي اسپتال سميت پورو علائقو برساتي پاڻي جي گھيري ۾ آيل آھي جنهن سبب علائقي واسين، ايل آر بي ٽي جي عملي سميت علاج لاء ايندڙ مريضن کي ڪافي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي۔ احمر ميمڻ سميت علائقي واسين عبدالحميد کتري، انجنيئر نادر سمون، مبشر، نوراحمد، شيراز ميمڻ ۽ ٻين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي ڄاڻايل خيراتي اکين جي اسپتال سميت سموري علائقي مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو۔ ٽنڊوباگو جي وارڊ نمبر چار ۾ برسات دوران گھر جي ديوار ڪرڻ جي ڪري گھر ڌڻي ديوان ارجن ڪمار دٻجي شديد زخمي ٿي پيو پاڙي وارن زخمي کي ڪڍي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پھچايو جتي موجود عملي ڪابه سھوليت موجود نه هجڻ جو چئي کيس حيدرآباد روانو ڪري ڇڏيو جتان وري کيس ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي. شهر جون مک بازارون، خان بھادر مير غلام محمد خان پبلڪ ميموريل لائبريري ۽ سرڪاري عمارتن سميت شھر جو بچل شاھ قبرستان، مصري شاھ قبرستان ۽ هندو لوهاڻا ڪميونٽي جو مساڻ بدستور پاڻي ۾ مڪمل ٻڏل آھن۔

Photo Sindhyar

جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ صفائي نه ٿيڻ جي ڪري مڇرن جي خطرناڪ حد تائين واڌ سبب شھري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن سميت ڪيترائي ماڻھو مليريا جهڙي موتمار بخار ۾ وٺجي ويا آھن۔ ٽنڊوباگو واٽر سپلائي طرفان پاڻي فراهمي ٽن ڏينهن کان بند هجڻ ڪري شھري سخت پريشاني واري حالت ۾ 50 روپين وارو پاڻي جو ڊرم 150 روپين ۾ خريد ڪرڻ تي مجبور آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو