اکر پڙهه الف جو…..!

ليکڪ  گلشن سنڌو

سنڌ سونهاري,مانواري, ڌرتي آهي جتي جوڌا به آهن ته دودا به آهن ,صوفي به آهن ته اولياء به آهن هن ڌرتي جي سون ورني  مٽيء جو مانُ مهانُ آهي جنهن سچل جهڙا سچو, سچيڏنا پيدا ڪيا جنهن قلندر جهڙا صوفي بزرگ پيدا ڪيا شاه رح جهڙا روحانيت, وحدانيت, سوڀ, سپت, امن جا پيامبر پيدا ڪيا جن جو وجود هن ڌرتيء لاء روشن ڪرڻي مان روشن مشعل بنجي زندگيء جي اخلاقي قدرن سميت, روحانيت ۽ وحدانيت جي درس جو اعلي مثال آهن حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح شاعرن جو سرتاج, امن جو علمبردار صوفي بزرگ هو جنهن جو ڪلام انسانيت جي رتبي, جي اهميت ۽خاصيت جا خاص ۽ اهم محرڪات ڏاڍي سهڻي نموني بيان ڪيا خدا جي هيڪڙائيء جي يقين سان رب کي يڪتا سمجهڻ ۽ انهيء هڪ واحد وحده جي ساراه ۽ رب جي ذات کي راضي ڪري آخرت جي فڪر سميت هن دنيا کي به ڪامياب بنائڻ جا روحاني گس ڏسيائين 

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح 1689 هالا تعلقي جي هالا حويليء ۾ پيدا ٿيو سندس والد شاه حبيب جڏهن ته سندن ڏاڏوعبدالقدوس شاه هو جمال شاه سندن تڙ ڏاڏو هو

 جڏهن شاه لطيف کي سندس والد علم پرائڻ جي غرض سان ان دور جي مشھور عالم آخوند نور محمد ڀٽيء وٽ وٺي ويو تڏهن آخوند نورمحمد کيس چيو ته پڙه الف, شاه سائين “الف” ته پڙهيو جڏهن کيس “ب ” پڙهڻ لاء چيو ويو ته شاه لطيف رح” ب” پڙهڻ کان انڪار ڪيو ڇوته شاه رح جي وجود ۾ ته وحدت, روحانيت جو واسو هيو ڇوته الف ئي سڀ ڪجھ آهي ٻيو پڙهي ڇا ڪجي شاه صاحب رح فرمائي ٿو ته, 

اکر پڙه “الف” جو, ٻيا ورق سڀ وسار

اندر تون اجار, پنا پڙهندين ڪيترا

يعني صرف الف ياد رک, باقي سڀ وساري ڇڏ, اصل ڳالھ آهي ته تون پنهنجو اندر, ۽ نفس صاف رک,يعني شاه لطيف رح شروع کان يگانو, ديوانو ۽ واحد وحده کي اچارڻ, سنوارڻ وارو صوفي بزرگ, اولياء الله هو 

شاعرن جي سرتاج شاه عبداللطيف ,مجاز جي موه مان پڻ موهجي پيو هو

کيس ويه سالن جي ڄمار ۾ مجازي عشق جي چوٽ لڳي ته فرمايائون ته ,

“جنهن جي آڱر سيد جي هٿ ۾, تنهن کي لهر نڪو لوڏو,”

 مجازي چوٽ لڳڻ کان پوء شاه رح رڻ پٽ, جهر جهنگ جهاڳيا, ۽ جنهن جي لاء رڻ پٽن ,صحرائن ۾ رُليو آخرڪار اها ئي سندس جيون ۾  شامل ٿي يعني ڀٽائي رح جو مجازي عشق به ڪامياب ته ٿيو پر سندس روحانيت جي اُڃ اُجهائڻ لاء کيس يگانيت ۾ گم رهڻو پيو جنهن جي ساز سوز کي  مورک ماڻهوء لاء پرکڻ ڏاڍو ڏکيو عمل چئبو پر شاه لطيف رح زندگي جي ڏکاين کي پروڙين ۽ پرکڻ,جو ڏانءُ ڏنو 

 شاه لطيف کي ڪوبه اولاد نه هو پاڻ فرمايائون ته منهنجا فقير ئي منهنجو اولاد آهن 

شاه لطيف رح کي جڏهن هن جُوء ۾ آرام نه آيو ته رب جي راضپي ,يعني روحاني رمزن ۽ عبادتن ۾ محو ٿيڻ, ان کي پرکڻ, سمجهڻ لاء وڃي تنها ٿي ڀٽ وسايائين جيڪو عبادتن لاء هڪ سڪون وارو آستان هو شاه رح جا گڻ به ڳڻڻ کان وڌيڪ هيا پاڻ رح خوبصورت سيرت جا مالڪ هئا ۽ شاه لطيف جو ڪلام پڙهڻ کان پوء ڀاسندو آهي ته, سندس ڪلام  سيرت جو ئي اهڃاڻ آهي جڏهن به شاه صاحب تي وجداني ڪيفيت ٿيندي هئي ته ڪلام چوندا هئا جيڪو سندس مريد سهيڙيندا ويندا هئا جنهن کي اڳتي هلي ڪتابي صورت ڏني ويئي جنهن نالو” شاه جو رسالو” آهي  هن رسالي جي مطالعي کان پوء ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪنهن روحاني دنيا جا راهي ٿي سحر جي دنيا ۾ گم ٿيندي پنهنجو اصل وجود تلاش ڪندا هجون رب کي راضي ڪرڻ جا سڌا, سڻاوا رستا ڏسيا ويا آهن جنهن تي عمل ڪندي پنهنجي آخرت کي آخرڪار سرخرو بنائي سگهون ٿا

شاه جو ڪلام مجاز به آهي ته روحاني, حقيقي عشق يعني هڪ خدا واحد وحده هي هيڪڙائي ۽ يڪتا هجڻ جو اعتراف ڪرڻ ۽ ان جي عبادتن ۾ محو رهندي روحانيت جي رازن کي نه صرف سمجهي سگهجي ٿو بلڪه آسان  زندگي گذارڻ لاء مشڪلاتن کي منهن ڏيئي بهادريء جو درس ڏيندي جيئڻ جو اتساه پيدا ٿيندي محسوس ڪري سگهجي ٿو پاڻ پنهجي بيتن ۾ رب کي سڃاڻڻ , ۽ انمول عبادتون ڪري پنهنجي اندر رب تلاش ڪرڻ کي ئي زندگيء جو نصب العين بنائي راهون روشن ڪرڻ ئي جيون آهي شاه رح فرمائي ٿو ته

ڪونهي ات ڪوهيار, جت تو ڀوري ڀائنيو

پنڌ م ڪرپهاڙ ڏي, وجود ئي وڻڪار

ڌاريا ڀائنج ڌار, پڇ پريان ڪر پاڻ تون

هن بيت ۾ بظاهر ته سسئيء جي سورن جي ڳالھ ڪئي وئي آهي  پر روحاني معني آهي ته تون جتي رب تلاش ڪرين ٿو اتي ناهي دراصل رب ته تنهنجي روح  ۾ رهي ٿو تون ٻين کي ڇڏ پاڻ رب جي راهن ۾ رلي وڃ جيئن منزل سجائي ٿيئي ,

حضرت شاه عبداللطيف رح  جي رسالي ۾ ٽيه سُر آهن هر سر هڪ خاص خاصيت جوحامل آهي جنهن ۾  ست سورمين جا قصا پڻ موجود آهن جن ۾  مارئيء جي وطن پرستي, حب الوطني به بيان ڪئي وئي آ ته ليلا جي لالچ کي به ننديو ويو آ سسئيء جي ڪشالا ڪٽڻ ۽ نوريء جي نياز نوڙت جي پڻ ساراه ڪئي ويئي آهي مومل راڻو سورٺ سميت سندس هر نوان گس جوڙي جيئڻ جو مقصد سمجهائي ٿو

سر يمن ڪلياڻ  ڄڻ ته دردن جو دارون آهي شاه رح فرمائي ٿو ته ,

ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏاڍو ٿئي

سا مجلس ئي مٽ,جي حاصل هوء هزار جو

يعني اتي وڃڻ ڇڏي ڏي جتي تنهنجي دل ڏُکي ڀلي توکي اتي هزار حاصل ڇونه ٿين جتي دل ڏکي اتي پنهنجا پير نه رکج

شاھ رح سنڌ جو صوفي بزرگ آهي جنهن جو ڪلام سچائيء جي راه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي بهاودريء سان هٽائي راهون سفل بنائي سچ خاطر جان ڏيڻ جو به درس ڏيئي ٿو لطيف رح فرمائي ٿو ته,

پتنگن پھُ ڪيو, مڙيا مٿي مچ

پسي لهسُ نه لُچيا سڙيا مٿي سچ

سندا ڳچين ڳچ, ويچارن وڃائيا 

شاه صاحب رح  پنهنجي ٻولي ,پنهنجي زبان کي پسند ڪندا هئا پاڻ گائيڪي تي پڻ فدا هو اهو ئي سبب آھي ته پاڻ تنبورو(دنبورو) اريجاد ڪيائين پنهنجي ڪلام ۾ جهد مسلسل جوپ پڻ درس ڏنو اتس ڀلي رڻ پٽ, برپٽ هجن ته به پوئتي نه پئجي منزل ڏانهن راهي رهجي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ باطل کي مٽائڻ لاء اگر جان جي قرباني ڏيڻي پوي ته ,ڪيٻائڻ کان بغير جان ڏجي سرُ ڪيڏارو ۾ فرمائي ٿو ته,

سختي شهادت جي نسورو ئي نازُ

رند پروڙين رازُ, قضيي ڪربلا جو

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌ جو عظيم بزرگ , صوفي شاعر, انسانيت جو درس ڏيندڙ, فنا ۽ بقا جو فلسفو سمجهائيندڙ  اعلي سماجي قدرن جو شاعر آهي  هن عظيم شاعر صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ 1752ع بمطابق 1165ھ ۾ وفات ڪيائين سندس مزار ڀٽ شاه ۾ آهي جتي هر سال چوڏهين, پندرهين ۽ سورهين  صفر  تي عرس ملهايو ويندو آهي جتي سڄي دنيا مان زائرين,سندس مريد ,فقير شرڪت ڪندا آهي ۽ مزار تي حاضري ڀريندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو