اڏيرو لعل حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 3 ٿي ويو

مٽياري(رياض چانڊيو) تعلقه اسپتال انتظاميا جي غفلت سبب اڏيرو لال ويجهو  روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 3 ٿي ويو. جمع تي 71 موري وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٿيل ٽڪر۾ ٿيل پنج زخمين مان 3 زخمي فوت ٿي ويا. جن ۾ ٽنڊو آدم واسي پنج ساله نينگر ذيشان قريشي، عبدالسلام قريشي ۽ ڦوٽو خاصخيلي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اڏيرو لال حادثي جي زخمين کي مٽياري تعلقه اسپتال پهچايو ويوهو جتي سندن ابتدائي طبي امداد بعد حالت تشويشناڪ هئڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو پر تعلقه اسپتال مٽياري جي انتظاميه جي نااهلي سبب 3 زخمي فوت ٿي ويا زخمي ٻه ڪلاڪ مٽياري اسپتال ۾ تڙپندا رهيا پر اسپتال جي ايمبولينس جو ڊرائيور ايمبولينس جي چاٻي سميت گم هو، ٻن ڪلاڪن بعد ٻئي ڊرائيور جو انتظام ڪري ڊيوٽي ڊرائيور جي ڪمري جو در ڀڃي ايمبولينس جي چاٻي ڪڍي زخمين کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو. سندن منتقلي ۾ ڊيوٽي ڊرائيور جي ڪوتاهي سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو