اڍائي لک روڪ ۽ 22 تولا سون چوري، ديوانن جو احتجاج

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) اڻ ڄاتل چور مکي ھريچند لال جي گھر ۾ گھڙي سندس المارين جا تالا ڀڃي اڍائي لک روڪ رقم ۽ ٻاويھ تولا سون چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن. واقعي جي اطلاع بعد ايس ايڇ او غوثپور پوليس نفري سان واقعي واري ھنڌ پھچي واردات واري جڳھ جو معائنو ڪيو. ٻئي پاسي متاثرن پوليس آڏو احتجاج ڪندي چيو ته امن امان جي صورتحال بگڙي ويئي آھي. ھڪ مھينو اڳ به چور مکي پاڙي جي چئن گھرن مان لکين روپين جي چوري ڪري ويا ھئا پر پوليس ھن مھل تائين ڪابه گرفتاري نه ڪري سگهي. ھوڏانھن ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاھ کان مطالبو ڪيو آھي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ترت سوگھو ڪري ھندو برادري کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو