اڌ صدي گذرڻ بعد به سنڌ واسي غربت جو شڪار آهن، سراج الحق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)06  آڪٽوبر2021 امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته اڄ هر طرف ظلم جو دور آهي، قدرتي دولت سان مالا مال هجڻ باوجود سنڌ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي، اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم ۽ عملي طور پٿر جي دور ۾ رهي رهيا آهن، خانقاهن ۽ درگاهن کي حقيقي تبديلي ۽ان ظلم و ناانصافين خلاف ۽انصاف لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گلستان جوهر ۾ خانقاهه بخاريه ۾ پير پاڳاري جي فرزند پيرسيد عثمان مصطفى شاهه راشدي ۽ خانقاهه جي سرپرست پير سيد شريف الدين بخاري سان ملاقات ۽ سندس مان ۾ ڏنل مانجهاندي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. اڳواڻن عوامي ڀلائي،اتحاد امت ۽ ظلم جي نظام خلاف گڏيل جاکوڙ تي اتفاق ڪيو. سراج الحق وڌيڪ چيو ته اڌ صدي گذرڻ باوجود سنڌ واسي غربت، بيروزگاري ۽ بدامني ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پير عثمان مصطفى راشدي چيو ته ملڪ ۽ قوم کي موجوده بحران مان هڪ مخلص ۽ ديانتدار قيادت ئي ڪڍي سگهي ٿي، عوام کي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ بدران حالتن جي تبديلي لاءِ اهل ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي درگاهه سرهندي مٽياري جو پير غلام  مجدد سرهندي، پير حضور بخش حضوري، مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسين محنتي، حافظ نصرالله چنا، ممتاز حسين سهتو، ڪاشف سعيد شيخ، حافظ نعيم الرحمان، يونس بارائي، مجاهد چنا مسلم پرويز، عبدالوهاب ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو