اچو ته گرمي گهٽائڻ لاءِ وڻ پوکيون، اعجاز تيوڻو

اسان جي ملڪ ۾ وڻ گهٽ هئڻ ڪري ڏينهون ڏينهن گرمي پد وڌي رهيو آهي ان جو اهو ئي سبب آهي ته هر سال وڻ ته لڳايا وڃن ٿا پر انهن جي سار سنڀال نه ٿيڻ يا وري  وڻن جي واڍي ٿئي ٿي جنهن ڪري وڻن جو خاتمون ٿيندو ٿو وڃي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ماحول کي بهتر بنائڻ ۽ گدلاڻ کان پاڪ صاف بنائڻ لاءِ پنهنجي علائقن ۾ وڻ لڳايون ڇاڪاڻ ته وڻ اسان لاءِ ڇپر ڇانو آهن قيمتي دوست ۽ همدرد وڻ کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪير آهي. سائو ۽ بيٺل هجي ته ڇانو مهيا ڪري،گرمي گهٽائي ،سردي گهٽائي، مينهن طوفان پاڻ سهي ،انسان کي حفاظت ڏئي ٿو ڀلا ڪوبه اهڙو دوست انسان جو ٻيو ڪو ٿيندو؟ ڪائنات ۾ وڻ انسان جو انيڪ خوبين وارو ساٿي ثابت ٿيو آهي وڻ جو هر حصو  جتي ڪنهن نه ڪنهن حساب سان صحت لاءِ ڪارآمد آهي ٻئي طرف وبائن ،بيمارين جي اثرن ۽ انهن جي پکيڙ کي  به روڪڻ ۾ ڪتب اچي  ٿو وڻ زمين جي زرخيزي ۽ انسان توڙي ٻي جيوت جي وجود جو اهڃاڻ  آهي يوناني حڪمت آهي ان جو مدار به جڙي ٻوٽين يعني وڻن ٻوٽين تي آهي مطلب ته وڻ ٻوٽا انساني صحت جي ضمانت آهن.دنيا ۾ صنعت ڪاري کي فروغ مليو آهي۽صنعت جو انحصار ڪارخانن تي آهي ترقيءَ لاءِ ڪتب ايندڙ مشين توڙي ڪارخاني ،روزاني زندگي ءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ننڍي شئي کان وٺي هوائي جهازن ،سامونڊي ٻيڙن تائين هر شئي ڪارخاني ۾ ٺهي ٿي .دنيا جي نظر ۾ اها ترقي حقيقي ترقي آهي پر حقيقت ان جو بر عڪس آهي ترقيءَ جي اوچائي سان گڏ تنزلي به ساڳي رفتار سان جاري آهي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ خطرناڪ گئسون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي چڪيون آهن هاڻي دنيا ماحولياتي ناڪاري اثرن تي پڻ سنجديگيءِ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيوآهي توانيءَ جا اهڙا ذريعا ڳوليا پيا وڃن جن جي ذريعي ماحول کي گهٽ نقصان ٿئي سج جي روشني ،بجلي، هوا پاڻي  سميت تازو ڏکڻ آفريڪا تماڪ کي توانائيءِ ۾ تبديل ڪري جهازن کي ان توانائيءَ تي هلائڻ  جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي متبادل ذريعن جي ضرورت به انڪري پيش آئي جو روايتي  ذريعن يعني پيٽرول ،ڊيزل هائي آڪٽين جي استعمال سان هلندڙ گاڏين ۽ اڪثر مشينري مان خارج ٿيندڙ دونهين ماحول ۾ شامل ٿي ان کي آلوده ۽ انساني استعمال لاءِ نقصانڪار ڪيو نتيجي ۾ خطرناڪ بيمارين ۾ اضافو ٿيو ۽اهو موت جو سبب پڻ ٿيون ترقيءَ کي به ته روڪڻو ناهي پر صنعتڪاريءَ جي ناڪري ماحولياتي اثرن کي به گهٽائڻو آهي جنهن لاءِ مشينريءَ جي استعمال ۾ اهڙي توانائي متعارف ڪراڻي آهي جيڪا وڌ ۾ وڌ ماحول دوست هجي پر اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي ئي اهڙن ناڪاري ماحولياتي اثرن کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو ٻيلن ۾ گهٽتائي توڙي گهٽ وڻڪاري سبب انيڪ ماحولياتي تبديليون آيون آهن ماحول ۾ شامل ٿيل خطرناڪ گيسن جو مقدار وڌڻ ڪري گرمي به وڌي آهي اڻ مندائتيون برساتون سي به ڪڏهن تمام گهڻيون ته ڪڏهن بلڪل گهٽ  طوفان ۽ زميني اٿل پٿل  به ٿئي ٿي ايندڙ نسلن جي بقا صرف ۽ صرف وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ سان آهن.

                       فيبروري وڻن پوکڻ لاءِ بهترين آهي انهيءَ موسم ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي انساني بقاءَ جي هلندڙ  تحريڪ ۾ پنهنجو  حصو شامل ڪرڻو آهي. ڪيترن ئي سڌريل ملڪن ۾ هاڻي اهو رواج آهي ته هر ڄمندڙ ٻار لاءِ هڪ وڻ پوکجي ٿوهڪ انسان دوست هئڻ جي ناتي توهان ۽ اسان سڀني کي هڪ فرد هڪ ٻوٽو مهم ذريعي وڻ ٻوٽا پوکڻ گهرجن شهرن ۾بي انداز پکيڙ سبب فصلن  هيٺ آيل زمين گهٽجي رهي آهي پر دنيا اندر انيڪ طريقا استعمال  هيٺ آهن جتي ٿورڙي  به جڳهه تي وڻ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن  بورچي خاني ڀرسان گهرجي ڇت به ان لاءِ استعمال ٿئي ٿي  جتي ننڍا ٻوٽا ڪونڊين ذريعي پوکي  يا اٰپائي سگهجن ٿا دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ان قسم جون سجاڳي مهم  هلن پيون ته عام وڻن سان گڏ وڏين شاهراهن تي ميون جا وڻ لڳائجن.

                 اسان جي سنڌ ۾ اڪثر نم، ٽالهي ۽ سرنهن گھرن ، اوطاقن  توڙي ٻين رهائش جڳهن تي  پوکي ڇانو لاءِ استعمال ٿين ٿا پر توهان جي تجربي مان هڪ عجيب لمحو به گذريو هوندو جتي به مانجهاندڙي پوکيل هوندي آهي اتان کان گذرڻ وقت توهان کي تڌڙي هير جو احساس ٿيو هوندو. مانجهاندڙي آسانيءَ سان پوکي ۽سنڀالي سگھجي ٿي جيڪڏهن  گھر ۽ اوطاق  جي پاسي ۾ چوڌاري هڪ ئي قطار مانجھاندڙي لڳائجي ته توهانکي سڄو ڏينهن ٿڌڙي هوا مفت ۾ ملي  سگھي ٿي وڻن جي پوکي جتي ماحول کي بهتر بڻائي سگھي ٿي اتي صحت جي پڻ ضمانت ملندي وڻن جي پوکي صدقه  جاريه پڻ آهي هڪ وڻ جي قتل جي انسان جي قتل سان مشابهت به بيان ٿيل آهي اچو ته گڏجي وڻ پوکيون ماحول بچايون، صحت بچايون آمدني به ،صحت به ۽ ثواب به.

                           وڻن پوکڻ ۽ ماحول جي تباهي، پکي گھٽائڻ ۽ فصلن پوکڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڦوهارن ۽ ڪيميائي ڀاڻ وغيره کان بچڻ لاءَ اچو ته هڙهيون پوکيون  زمين جي ڪجھ ايڪڙن  تي ٻٻر يا ٽالهي وغيره جا وڻ پوکڻ سان هڪ ننڍڙو  ٻيلو يا هڙهي پنجن سالن  اندر تيار  ٿئي ٿي جنهن لاءِ شروعاتي  محنت کان پوءِ آخري سال مالڪ فصلن پوکڻ جهڙي  لڳاتار پورهئي کان بچي پوي ٿو وڻ پنجن فوٽن کان  وڏا ٿين ٿا ته پوءِانهن کي ٻڪرين وغيره جهڙن جانورن جي ڀيل جو خطرو گهٽجي وڃي ٿوهڙيءَ جي تيار ٿيڻ تي انهي جو ڪاٺ وڪرو ٿئي ٿو جڏهن ته رڌ پچاءَ لاءَ تمام گهڻيون ڪاٺيون ۽ فصل جي چوڌاري بچاءَ لاءِ لوڙهو به ملي ٿو هڙيءَ جي في ايڪڙ آمدني اوتري ئي آهي جيتري پنجن سالن دوران ڪنهن فصل مان ملي ٿي پر فرق هي آهي ته هڙهيءَ مان پنجن سالن جي آمدني هڪ هنڌ ملي ٿي جڏهن ته خراب زمين ڀلي ۽زرخيز ٿي پوي ٿي جنهن کي اڳتي ڪئين سالن تائين هٿراڌو ڀاڻ جي ايتري ضرورت ڪانه ٿي پوي وڏي ڳالهه ته اڳ ماڻهو ٻٻرن جي هڙهي پوکڻ سان گڏ ٻڪرين جو ڌڻ پالي اهو ٻٻرن جي پلڙن ،پاپڙن  توڙي ٽارين جي ٻورتي پالين ٿا ۽ هڙهيءَ جي مالڪ کي ٻيڻو نه پر ٽيڻو چئوڻو فائدو ٿئي ٿو اچو ته اهو وچن ڪيون ته هرسال 10 وڻ في ماڻهون پوکيندو ته جئين اسان جي ملڪ ۾ الودگي جو خاتمون ڪري سگهون

پهنجو تبصرو موڪليو