اڄوڪي تاريخ تي پيش آيل اهم واقعا، جنم ۽ وڇوڙا

ڪراچي(ترتيب ۽ پيشڪش ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) اڄوڪي تارخ تي دنيا ۾ پيش آل اهم واقعن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي. ** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور ۾ مقرر انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ پوسٽنس ڪرنل پوٽينجر کي آگاهي ڏني ته شڪارپور جي سروي وارو ڪم في الحال روڪيو ويو آهي، اهو ڪم ليفٽيننٽ ٽيري طرفان ٻيهر شروع ڪرڻ جا امڪان آهن، واضح رهي ته انهيءَ دور ۾ اڃا سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي هئي پر ان باوجود انگريزن پاڻمرادو سروي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي مسلمان سياسي اڳواڻن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ سياسي پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون، ان حوالي سان ڪراچي ۾ حاجي عبدالله هارون جي رهائشگاهه تي گڏجاڻي ٿي، ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، اها پارٽي ٺاهڻ ۾ عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو اهم ڪردار ادا ڪيو پر اليڪشن ۾ ٻنهي ڄڻن کي شڪست نصيب ٿي.** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان کي گڏيل قومن جو ميمبر بڻايو ويو.** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ”مهاجرن جي مدد ڪريو“ جي عنوان سان هفتو ملهايو ويو، پهرئين ڏينهن تي سنڌي ماڻهن ۽ مختلف تنظيمن هندستان مان آيل مهاجرن لاءِ کاڌو، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون گڏ ڪيون، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ٿيل گڏجاڻين ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا ته مهاجرن کي رهائش لاءِ گهر يا پلاٽ ڏنا وڃن، سنڌي ماڻهن انهن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي، تاريخ مدد جي ڪيترن ئي واقعن سان ڀري پئي آهي پر افسوس جو اهي ماڻهو اڄ سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي گورنر جنرل کي اهو اختيار ڏنو ته هو ون يونٽ جي حوالي سان قانون ۾ ترميمون ڪري.** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راڻي چندر سنگهه کي ويسٽ پاڪستان وزارت ۾ ڊپٽي وزير بڻايو ويو.** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان حڪومت جي وزير مير علي نواز خان ٽالپر کي نااهل قرار ڏنو ويو.** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀنڀور ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي انهيءَ جاءِ تي هڪ مسجد هٿ آئي. جڏهن ته وڌيڪ آثارن جي ڳولا لاءِ کوٽائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄوڪي ڏينهن 23 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ  اهم شخصيتون. ***23 سيپٽمبر 1818ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**23 سيپٽمبر 1908ع ليکڪ ۽ صحافي علي محمد ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**23 سيپٽمبر 1955ع صحافي ڊاڪٽر بدر الدين (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**23 سيپٽمبر 1962ع صحافي صداقت علي شاهه (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.**23 سيپٽمبر 1965ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن رفيق احمد انڍڙ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**23 سيپٽمبر 1971ع ڪرڪيٽر معين خان جو جنم ڏينهن آهي.**اڄوڪي تارخ تي وڇڙيل شخصيتون. **23 سيپٽمبر 1585ع اڳوڻي حڪمران مرزا محمد باقي جي وفات ٿي.**23 سيپٽمبر 1954ع شاعر ڄام خان (بدين) جو انتقال ٿيو.**23 سيپٽمبر 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ جي وفات ٿي.**23 سيپٽمبر 1971ع مذهبي اسڪالر پنهل سائين مهيسر جي وفات ٿي.**23 سيپٽمبر 2004ع اردو جي مشهور شاعر تابش دهلوي جو انتقال ٿيو.** 23 سيپٽمبر 2009ع شاعر سالڪ سولنگي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو