اپوزيشن پاران اليڪشن بل تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)اپوزيشن پاران اليڪشن بل تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو، بلاول ۽ فضل الرحمان به اَي پي سي سڏائڻ جِي حمايت ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو چيو ته، اَي پي سي شفاف چونڊن لاءِ قومي اتفاق راءِ ۾ اهم موقعو بڻجي سگهي ٿي، شهبازشريف چيو آهي ته، اَي پي سي ۾ اپوزيشن جِي سمورين جماعتن سان گڏ چونڊن جِي نگراني ڪندڙ تنظيمن ۽ ادارن کي به شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويندي..

پهنجو تبصرو موڪليو