اپوزيشن وارا نيب جا 38 مان 34 نقطا ختم ڪرڻ چاهن ٿا، خان

سلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آھي ته ملڪي مفادن لاءِ ٿيندڙ قانونسازي جي بدلي مخالف ڌر کي اين آرو نٿو ڏئي سگهان، کين شرم نٿو اچي، بي شرم ماڻهو آھن، هي جيڪا زبان سمجهن ٿا کين ان زبان ۾ سمجهايو وڃي. اسان لاءِ اين آر او ڏيڻ ته پري جي ڳالهه ان بابت سوچيو يا نظريي تان هٽياسين ته پارٽي ختم ٿي ويندي، مخالف ڌر کي اين آر او ٿري پلس گهرجي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وزير اعظم عمران خان پنهنجي جماعت پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پارٽين جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته  اپوزيشن وارا 38 نقاطي نيب قانون مان 34 ختم ڪرڻ چاهين ٿا جيئن سندن خلاف سمورا ڪيس ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ بابت قانون سازي پاڪستان لاءِ ضروري آھي، ماضي جي خرابين کي درست ڪري رهيا آھيون، مخالف ڌر پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪري رهي آھي، مخالف ڌر شروع کان ئي قانونسازي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، قومي مفادن لاءِ ٿيندڙ قانونسازي جي مخالف ڌر کي حمايت ڪرڻ گهرجي، ملڪي مفادن لاءِ قانونسازي جي بدلي اين آر او نٿا ڏئي سگهون پر مخالف ڌر اين آر او چاهي ٿي، انهن مطالبا لکت ۾ حڪومت کي ڏنا مخالف ڌر چاهي ٿي ته مني لانڊرنگ کي نيب جي دائري ۾ ايندڙ ڏوهن مان ڪڍي ڇڏيون، هنن کي شرم به نٿو اچي بي شرم ماڻهو آهن هي اين آر او ٿري پلس چاهين ٿا، مخالف ڌر جون پيش ڪيل ترميمون اهڙيون آھن جو جيئن هنن ۾ ڪو هٿ نه وجهي سگهي ۽ هنن جي ڪيل ڪرپشن بچي وڃي پر احتساب جو عمل جاري رهندو ان تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، خواجا آصف غير پارلياماني ٻولي ڳالهائي ٿو، هي جيڪا ٻولي سمجهن ٿا، انهن کي ان ٻولي ۾ جواب ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته هنن جي گرفتار ميمبرن کي پروڊڪشن آڊر ڏيڻ ۾ احتياط ڪيو وڃي، هي پروڊڪشن آڊر تي اچي اسان خلاف تقريرون ڪن ٿا، هنن کي پهرين ڏينهن کان نرمي نه ملڻ گهرجي ها. وزير اعظم اپوزيشن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس 6 آگسٽ تي ٿيندو، سمورا ميمبر شرڪت يقيني بڻائن. ذريعن مطابق ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر پنهجو رنگ ڏيکاريو پر رات ۾ برڪت هوندي آهي رات ۾ مخالف ڌر جو بلن بابت موقف تبديل ٿي ويو، مڪمل تعاون لاءِ تيار آھي، مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ايوان ۾ ڳالهائڻ ڏيڻ جي ضرورت نه آھي هو اسان کي نٿا ڳالهائڻ ڏين. هوڏانهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ جي وفاقي وزير پيپلزپارٽي کي علائقائي جماعت قرار ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو فضل الرحمان سان ملي يا گُل رحمان سان، ڪوبه فرق نه ٿو پوي، بلاول ڀٽو زرداري ڪرپشن تي ڳالهائڻ جو اخلاقي جواز نٿو رکي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ سندس خاندان جي صادق ۽ امين ٿيڻ تي گهڻا ئي سوال آهن. بلاول عوام کي ضرور ٻڌائي ته اِهي سري محل ڪيئن خريديا ويا؟ اومني گروپ ڪيئن ٺهيو؟ مني لانڊرنگ ڪنهن ڪئي؟ انهن سوالن جي جوابن لاءِ بلاول کي گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت نه پوندي هن کي انهن سوالن جا جواب پنهنجي خاندان مان ئي ملي ويندا. هن چيو ته بلاول يا ته لاعلم آهي يا وري سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به ڪوڙ ٿو ڳالهائي، هو ڪرپشن تي ڳالهائڻ جو اخلاقي جواز نٿو رکي. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته عمران خان اُهو ليڊر آهي، جنهن سياست ۾ اچڻ کان پهرين سماجي خدمت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته زرداري کائيندو به آهي ۽کارائيندو به آهي، نوازشريف کائيندو به آهي لڳائيندو به آهي، عمران خان چوي ٿو نه آئون کائيندس نه کارائيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو