اپوزيشن وارا ادارن کي وڙهائڻ جي ڪوشش پيا ڪن، شبلي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي واقعي ۾ جهڙي ريت پوليس وارا موڪل تي ويا، اُن ۾ پيپلز پارٽي جو ڪردار نظر اچي رهيو آهي، وفاقي وزير شبلي فراز رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پيش آيل واقعي تي چيو آهي ته اپوزيشن واقعي تي اجائي واويلا ڪئي وئي، اپوزيشن وارا ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام کانئن حساب وٺندو، سڀني کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته مريم نواز بينظير ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، بينظيرڀٽو پڙهيل لکيل ۽ وڏي ليڊر هئي، نوان ڪپڙا ۽ ميڪ اپ سان ڪوئي وڏو ليڊر نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو