اپوزيشن ملڪي مفادن جي معاملن تي سياست نه ڪري؛ فرودس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) معاون خصوصي اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته ادارن تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اميد آهي ته اپوزيشن ملڪي مفاد جي معاملن تي سياست نه ڪندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ هندستان ڪشميرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪري رهيو آهي ڪشميرين جي جدوهد ضرور رنگ لائيندي جڏهن ته وزيراعظم دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان خلاف پروپيگنڊا جاري آهي پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته ڀارت کي پاڪستان خلاف سازشن ۾ ناڪامي ٿي. معاون خصوصي جو چوڻ هو ته عمران خان ايران ۽ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جا دورا ڪيا اسان کي خطي ۾ امن کي طاقت ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي اپوزيشن بردباري جو مظاهرو ڪيو ادارا ڪنهن جماعت جا نه پر ملڪ جا آهن ادارن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي اميد آهي ته اپوزيشن ملڪي مفادن جي معاملن تي سياست نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو