اپوزيشن جو يوم سياهه، حڪومت جو يوم تشڪر، جلسا جلوس

ڪراچي( نمائندن وٽان) گذريل سال اڄوڪي تاريخ يعني 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ سبب حڪمران جماعت پاران ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ٻئي پاسي گڏيل مخالف ڌر پاران ڪارو ڏينهن ملهائجي رهيو آهي. ان ساسلي ۾ ملڪ ٻنهي ڌرين پاران جلسا جلوس منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ موجب صبح جو جميعت علماءِ اسلام (ف) پاران جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ عمران خان ۽ سندس حڪومت کي نااهل قرار ڏيندي ملڪ ۾ وڌايل مهانگائي تي سخت تنقيد ڪئي

وئي ۽ کيس فوري هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي پاسي تحريڪ انصاف پاران يوم تشڪر ملهايو ويو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ پاران دودو نندواڻي شاهمور ڀنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انصاف هائوس کان پريس ڪلب تائين يوم تشڪر ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پي ٽي آء جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجويھ جولائي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي اڄ جي تاريخ تي پاڪستان جي عوام عمران خان کي ووٽ ڏيئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو هو۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن تاريخي ڏينهن کي يادگار بڻائڻ لاء اڄ يوم تشڪر ريلي ڪڍي آهي. **** ميرپورماٿيلو مان ظهير وسير موجب جي يو آ پاران حڪومت خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ جلوس ڪڍيو ويو. مولانا اسحاق لغاري ۽ ٻين مقررن چيو ته حڪومت نوان تيڪس هڻي عوام مٿان مهنگائي جو بم اڇلايو آهي جنهن سبب عوام جو برو حال آهي ۽ ٻن ويلن جي ماني به مشڪل ٿي وئي آهي. هنن چيو ته عمران حڪومت عوام سان ڪوڙا ٺلھا واعدا ڪري عوام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو