اپوزيشن جلدي استعيفيٰ ڏي، نيڪ ڪم ۾ دير ڇو؟ گِل

پشاور/لاهور(ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جلدي استعيفيٰ ڏئي، نيڪ ڪم ۾ دير ڇو؟ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل چيو آهي ته پهرين اپوزيشن جي اي ٽيم جو احتساب ٿيندو هو، هاڻي سڀني جو احتساب ٿيندو، وزيراعظم چورن جي دٻاءُ ۾ نه آيو، پي ڊي ايم وارا اين آر او نه ملڻ تي مايوسي جو شڪار آهن، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهباز گِل چيو ته لاهور جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان غير مناسب ٻولي استعمال ڪئي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ٻئي پاسي لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ پي ڊي ايم کي ڪرپشن جي واڳن جو ٽولو قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم بند گهٽي ۾ ڦاسي پئي آهي، عوام کي مخصوص ٽولي جي رحم و ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، لاهور ۾ اپوزيشن جي سياسي ٿيٽر ڪورونا وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، اپوزيشن ذاتي مقصدن لاءِ عوام جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو