اپوزيشن جا گرفتار ورڪر آزاد ڪريو، ٽرينز بحال، شيخ

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد سڄي ملڪ ۾ ريل گاڏيون معمول مطابق بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب ريل گاڏين جو شيڊول متاثر ٿيو هو جيڪو معمول موجب بحال ڪريون ٿا. هن چيو ته شاليمار جو ملتان ۾ اسٽاپ بحال ڪرڻ جو به اعلان  ڪيو. هن بهاولپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) کي 15 ايم اين اي ڇڏي ويندا، ڏسون ٿا ته هي ڪيئن ٿا استعيفيٰ ڏين ٿا. هن چيو ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون اوهان وڃڻ وارا آهيون. هڪ سوال تي هن چيو ته آصف زرداري جي ماسٽر ڊگري آهي ته هن کي خبر آهي ته جيل ڪڏهن وڃبو، گهر ڪڏهن وڃبو، هن کي پنهنجي شيڊول جي خبر آهي. هن چيو ته جلسو ڀلي ڪريو پر پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندو ان جي زبان ڪڍي ڇڏينداسين. هن چيو ته جهاز ۽ ريل جو ڪرايو برابر آهي جنهن کي جهاز ۾ وڃڻو آهي ته وڃو ريل جو ڪرايو گهٽ نه ڪنداسين، خسارو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ اسين تيار آهيون، سنڌ تياري ڪري. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جي سياسي ڪارڪنن کي پنجاب حڪومت رها ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو