اپوزيشن بعد بار ڪائونسل پاران به نيب ترميمي آرڊيننس رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن نيب ترميمي آرڊيننس کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو، صدارتي آرڊيننس تي مايوسي ظاهر ڪئي وئي آھي. پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس سان نيب قانون ۾ تبديلي پارليامينٽ کي گهٽ ڏيکارڻ برابر آهي، ڪنهن خاص شخص لاءِ ترميم طئه ٿيل قانون جي ڀڃڪڙي آهي. ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت اپوزيشن جون سموريون جماعتون نيب ترميمي آرڊيننس کي رد ڪري چڪيون آهن، سندن چوڻ آهي ته رٽائر ججن کي لڳائڻ کين سپريم ڪورٽ جي جج برابر پگهار ڏيڻ جو مطلب حڪومت مخالفن کي سزا ڏيارڻ آهي ان سان انصقاف نه پر انتقام ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو