اٽي ۽ کنڊ جي بحران واري رپورٽ بعد ڪابينا ۾ وڏي تبديلي

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم عمران خان کنڊ ۽ اٽي واري بحران ۾ مختلف حڪومتي ماڻهن جي ملوث هئڻ واري ايف آءِ اي جي رپورٽ بعد ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ردو بدل ڪئي آهي. جهانگير ترين کي زراعت جي ٽاسڪ فورس جي سربراهي تان هٽائي ڇڏيو آهي جڏهن ته مخدوم خسرو بختيار کان فوڊ سيڪورٽي جوا کاتو واپس وٺي کيس اقتصادي معاملن جو وزير بنايو ويو آهي. ياد رهي ته انهن ٻنهي جا ايف آءِ اي واري رپورٽ ۾ نالا هئا. ترين پاڻ ۽ بختيار جي ڀاءُ کنڊ بحران ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمايو هو. وزيراعظم عمران خان ڪابينا ۾ ردو بدل بابت ٽوئٽر تي اعلان ڪندي ڪجهه وزيرن جو تفصيل ڏنو.

ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام هاڻي فوڊ سيڪورٽي جي وزارت سنڀاليندو. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر کي سائنس جي وزارت ڏني وئي آهي. بابر اعواڻ کي مشير مقرر ڪندي کيس پارليماني معاملا ڏنا ويا آهن ۽ اعظم سواتي کي نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي وزارت ملي آهي. ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديق جي استعيفيٰ قبول ڪندي امين الحق کي وزير بنائي کيس مواصلات جو کاتو ڏنو ويو آهي. هاشم پوپلزئي جيڪو فوڊ سيڪورٽي اينڊ ريسرچ جو سيڪريٽري هو تنهن کي هٽائي سندس جاءِ تي عمر حميد کي لڳايو ويو آهي. ياد ريه ته پوپلزئي تي به ڪڻڪ جي خريداري ۾ غفلت جو ايف آءِ اي ذمورار قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو