اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي جو انوکو احتجاج

سکر(جيرام داس )سول سوسائٽي جا ماڻهو اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو شهرين اٽو کائي ماني مٿن تي ٻڌي احتجاج ڪندي شهري اتحاد سکر جي چيئرمئن مولانا عبيد الله ڀٽو، سيد عمران شاھ ، نصير گوپانگ، حبيب انصاري، وزير بروهي ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي چوٽ چاڙهي غريب عوام جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شهري بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن. هنن چيو ته سکر انتظاميا جي لاپرواهي سبب سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي پر انتظاميا منافع خورن خلاف قدم نه ٿي کڻي جنهن ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦر لٽ جو سلسلو ھلندڙ آهي. انهن وڌيڪ چيو ته تبديلي سرڪار جي غلط پاليسين سبب مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي ۽ ماڻھو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو