اُم رباب جي گاڏي تي حملو، پوليس جي وضاحت

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) ام رباب چانڊيو جي واپسي تي حملي وارو معاملو دادو پوليس پاران وضاحتي بيان جاري دادو پوليس موجب ڪي اين شاھ ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي برھان خان چانڊيو جي قافلي واري گاڏي سان روڊ حادثو ٿيڻ بابت؛ميڊيا ۾ ام رباب جي قافلي تي حملي بابت خبر وائرل ٿي رھي آھي جنھن ۾ ڪابه صداقت ڪونه آھي اڄ دادو ڪورٽ ۾ حاضري بعد ام رباب چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو وارا پنھنجي شھرن طرف روانا ھئا ته ڪي اين شاھ ڀرسان برھان خان چانڊيو جي قافلي ۾ شامل سيڪيورٽي اسٽاف واري گاڏي جو لولجا اسٽاپ تي روڊ ڀرسان خالي بيٺل ھڪ ڪرولا ڪار سان ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. جنھن ۾ اسلم چنا نالي شخص جي ڪرولا ڪار کي پويان کان ٽڪر لڳڻ سبب صرف گاڏي متاثر ٿي آهي باقي سندن ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي جڏھن ته ام رباب چانڊيو جو قافلو خيريت سان پنھنجي منزل طرف پھچي چڪو آهي جن سان ڪوبه حادثو ڪونه ٿيو آهي حادثي جي اطلاع ملندي ئي ڪي اين شاھ پوليس پاران حادثي واري جاءِ تي پھچي سموري صورتحال جو جائزو ورتو ويو حادثي دوران معمولي زخمي ٿيل برھان خان چانڊيو جا ماڻھو ابتدائي علاج بعد پنھنجي منزل طرف روانا ٿي ويا آهن ھي ھڪ حادثاتي واقعو ھيو جنھن کي ام رباب چانڊيو جي قافلي تي حملي جو غلط رنگ ڏنو ويو جنھن ۾ ڪابه صداقت ڪونه آھي. ام رباب ج چوڻ اهي ته مخالف هاڻي حادثي ۾ مارڻ چاهين ٿا، پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو