اُم رباب جو ڌرڻو، سردار چانديو جي حق ۾ به مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڳڙهي خدا بخش ۾ ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اُم رباب جي حامين جو مظاهرو، سيڪيورٽي جا انتظام سخت، ڌرڻي ۾ شرڪت دوران اُم رباب چيو آهي ته شهيد راڻي جي مزار تي پنهنجي دانهن کڻي آئي آهيان، توهان جي پارٽي منهنجي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ڏنو آهي، ٻڌايو وڃي ته پ پ جي قيادت منهنجي خلاف ڇو بيٺي آهي، پوليس پنهنجو ڪم ڪري ٿي ته اُن مٿان دٻاءُ وڌو وڃي ٿو، مون کي شهيد راڻي جي مزار تي وڃڻ نه ڏنو ويو، سنڌ جو عوام مون سان گڏ آهي، آئون رڳو انصاف گهري رهي آهيان، ٻئي پاسي پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي حامين طرفان به ميهڙ باءِ پاس تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، سردار چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، قمبر ۾ سردار چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي خلاف شٽر بند هڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويو، چانڊيا برادري جي ماڻهن طرفان شهداءُ چوڪ تي ڌرڻي دوران گهرن تي چڙهائي جي مذمت، نصير آباد ۾ به چانڊيا برادري ۽ پ پ ڪارڪنن طرفان سردار چانڊيو جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو غلام حيد ۾ به سردار چانڊيو جي گهر تي چڙهائي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

Protest in favour of Sardar Chandio in Tando Ghulam Haider, Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو