اي ڪلاس بابت درخواستون رد، ذاتي خرچ تي سهولتن جي اجازت

اسلام آباد(اياز مهر) اهتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڊيالا جيل ۾ اي ڪلاس ڏيڻ بابت درخواستون رد ڪندي ذاتي خرچ تي ڪجهه سهولتون حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اڱاري تي ٿيل سماعت ۾ ٻنهي جا وڪيل فاروق نائڪ ۽ لطيف کوسو پيش ٿيا. کوسو جمع تي زرادري کي اي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست ڏيڻ مهل چيو هو ته جڏهن هو صدر پاڪستان نه هو ان وقت به اي ڪلاس سهولت مليل هئي هاڻي ته هو اڳوڻو صدر آهي ۽ ڪافي بيمارين ۾ مبتلا آهي. عدالت اڄوڪي حاضري کان کين آجو قرار ڏنو هو ۽ عدالت چيو آهي ته ايئرڪنڊيشنڊ، ٽي وي، ريڊيو، فرج، آءِ پوڊ، آءِ پيڊ، ڪڪر، ڪيٽلي، ٽوسٽر، ٽارچ، جيت مار مشين ۽ استري ذاتي خرچ تي رکي سگهن ٿا. هنن ذاتي ملازم رکڻ ۽ فريال سنڌ اسمبلي جي اجلاس ۾ سرڪت لاءِ راهداري رمانڊ لاءِ به درخواستون ڏنيون هيون جن بابت عدالت چيو ته جيل سپرنٽنڊنٽ سان رابطو ڪريو. عدالت سندن جڊيشل رمانڊ ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته جعلي اڪائونٽ ڪيس م نيب جو الزام آهي ته 29 بئنڪ اڪئونٽس ذريعي اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو