اي سي پاران اسپتال جو اوچتو دورو پوليو مهم جو جائزو

ميروخان (صفدر علي تنيو)اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراڻي جو ميروخان اسپتال جو دؤرو ، ٽراما سينٽر ۽ او پي ڊي ۾ مريضن کان درپيش مسئلن جي معلومات ورتي ۽ پوليو جي ھلندڙ مھم بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. پوليو ھڪ خطرناڪ وائرس آھي جيڪو معصوم ٻارڙن کي عمر ڀر لاء معذور بڻائي ٿو ، ان خطرناڪ بيماري کان ڇوٽڪاري لاء گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي. اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراڻي اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراڻي جو تعلقه اسپتال ميروخان جو دؤرو اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان تعلقه اسپتال جي ٽراما سينٽر جي نئين تعمير ٿيندڙ سئو بسترن واري اسپتال جي بلڊنگ ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي ملازمن سان ملاقات ۽ او پي ڊي دوران موجود مريضن کان اسپتال مان ملندڙن دوائن ۽ ھلندڙ پوليو مھم دوران پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ڦڙا ھر دفعي لازمي  پيارڻ جي تاڪيد پڻ ڪئي ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان تعلقه اسپتال ۾ پوليو جي ھلندڙ مھم بابت ھڪ گڏجاڻي جي صدارت  ڪئي گڏجاڻي ۾ تعلقه فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار گوپانگ سميت ويڪسينيٽرن ايريا انچارج ليڊي ھيلٿ ورڪرن سميت پوليو پياريندڙ ٽيمن شرڪت ڪئي جن کان اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان پوليو مھم متعلق تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ پوليو جي خاتمي لاء وڌيڪ منظم انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ کين پابند بڻايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته اڄ اوچتو دورو ڪري مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن جي حل بابت ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ سميت لاڳاپيل عملدارن سان ڳالھائينداسين ھن وڌيڪ چيو ته پوليو ٻارن خطرناڪ وائرس آھي جيڪو معصوم ٻارڙن کي عمر ڀر لاء معذور بڻائي ڇڏي ٿو ھن وڌيڪ چيو ته ٻارڙن جي والدين سميت اسان کي ھر عام ۽ خاص کي ھر دفعي ٿيندڙ پوليو جي مھم دوران پنھنجي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي معصوم ٻارڙن کي لازمي پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ گھرجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو