اي سي جو اسپتال جو اوچتو دورو، مريضن کي مفت دوا ڏيو

ٽنڊومحمدخان(لعل بخش سٺيو)  اسسٽنٽ ڪمشنرعبدالغفار شيخ پاران رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم جو اوچتو دورو، اسپتال جي مختلف شعبن اسٽور روم ايڪسري ليبارٽري ۽ ايمرجنسي رومز سميت وارڊن جو به دورو ڪيو. اسسٽنٽ  ڪمشنر علاج لاء آيل مريضن کان حال احوال ورتا ان موقعي تي ھن ڊاڪٽرن سميت اسٽاف سان ملاقات ڪري مريضن جي بهتر علاج لاءِ ھدايتون به ڏنيون ۽ کين تاڪيد ڪئي ته پنھنجي ذميواري سان ڊيوٽي ڪن، ڊيوٽي چور ملازمن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي .ھن ڊليوري لاء ايندڙ غريب عورتن جي خاص پارت ڪئي ته کين ھر سھولت مھيا ڪرڻ سميت مفت ۾ دوائون فراهم ڪريو. ان موقعي تي ھن چيو ته آئون ھر ھفتي اسپتال جو وزٽ ڪندو رھندس غريب عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پھچايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو