اي انسان سُڪون کَپئي ته سياڻو ٿي !

ليکڪ  اعجاز علي سوڍر

هن دنياوي زندگي ۾ سڀ کان انمول، بيش قيمتي، بي بها، بي مثل ۽ وڏي ۾ وڏي دولت دل جو سُڪون آهي. هي جيڪي خفا، محنتون، جفاڪشيون، ظلم زيادتيون ۽ ڪَلور ٿين ٿا اهي سڀ انهيءَ سُڪون جي حاصلات لاءِ ئي هجن ٿا. خود غرض ۽ خود پرست ماڻهو ٻين جي زندگي برباد ڪري انهن جو سُڪون ڦٽائي پنهنجو قلبي سُڪون تلاش ڪرڻ واري حماقت بي ڌڙڪ ڪندا رهن ٿا. انهن جي لاءِ پنهنجو ذاتي مفاد ئي هر شيءِ کان وڌيڪ اهم هوندو آهي. اهڙا انسان سماج ۾ برائين ۽ ڏوهن کي جنم ڏيڻ جا پيش خيما هوندا آهن. اهڙن مفاد پرست ماڻهن جي ظلمن ۽ ناانصافين جا سَٽيل ماڻهو بغاوت جو علم بلند ڪري نِڪري پَون ٿا. انهن جون وايون بتال ٿي وينديون آهن ۽ هو پنهنجي انتقامي ڪاروائي ۾ ايترا ته انڌا بڻجي ويندا آهن جو پوءِ پاڻ به ظلم ڪرڻ جي حد اورانگھي ويهندا آهن. جن کان انتقام وٺڻو هوندو آهي اگر انهن تائين پهچي سگھيا ته ٺيڪ نه ته اڪثر جن کان انتقام وٺڻ لاءِ سندرو ٻَڌي نڪتل هوندا آهن اهي سندن پهڄ کان ڪوهين پَري هوندا آهن جنهن ڪري ٻين مظلوم ماڻهن سان ظلم ڪري، انهن کي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي انهن جي سپنن، اميدن ۽ آرزوئن جو خون ڪري انهن جي لاشن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪري پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. کانئن اهو وسري ويندو آهي ته توهان جنهن ظلم خلاف بغاوت جو عَلم بلند ڪري نڪتا هُيوَ اڄ اهو ساڳيو ظلم توهان ٻين سان ڪري رهيا آهيو. اهڙا انتقامي ماڻهو بعد ۾ وحشي بڻجي مغاشري ۾ موجود شريف نفسن کي به پنهنجي ظلم جو نشانو بڻائيندا آهن.

سماج ۾ برائين جي اصل وجه ته ناانصافي، ٻٽو معيار ۽ پنهنجي سُڪون خاطر ٻين جو سُڪون برباد ڪرڻ وارا ئي آهن. انسان هميشه کان وٺي دلي سُڪون جو متلاشي رهيو آهي. قلبي سُڪون جو حصول تمام آسان آهي. ها البته ايترو ضرور آهي ته جيئن دنيا جو دستور آهي ته ڪجھه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھه وڃائڻو پَوندو آهي. بلڪل اهڙي طرح دِلي سُڪون جا خواهشمند جيڪي پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا انهن وٽان صرف هڪ ئي نسخو مليو ته اگر توهان دِلي سُڪون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان پنهنجو پاڻ ٻين کي سُڪون بخشڻ لاءِ ارپي ڇڏيو، ٻين جي خوشي ۾ ئي توهان کي اصل خوشيءَ جو مزو نصيب ٿيندو، ٻين جا درد دور ڪرڻ سان جيڪي دِلي راحت توهان کي نصيب ٿيندي ان جو توهان کي پوءِ ئي مشاهدو ٿيندو. مطلب ته اگر سُڪون گھرجي ته ٻين کي سُڪون رَسائڻ جي ڪوشش ڪريو، توهان کي سُڪون ملي ويندو. باقي هي جيڪا هيتري ساري نحوست هن دنيا ۾ ڦهلائي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر هڪ نفس هر وقت پريشانين ۽ مونجھارن جو شڪار رهي ٿو، انهيءَ ۾ به هنن دِلي سُڪون جي متلاشين جي غلط فهمي جو وڏو هٿ آهي. هي سمجھن ٿا ته ٻين جو سُڪون کَسي، ٻين کي لُٽي، ٻين کي تڪليف ڏئي، ٻين جو حق کَسي، ٻين جي وات مان گرھه ڪڍي کين سُڪون ملندو ته اها سراسر سندن بيوقوفي آهي. سُڪون ملڻ ته پَري جي ڳالھه رهي ويتر سندن پنهنجو رهيو کُهيو سُڪون به برباد ٿي ويندو آهي. دِلي سُڪون جي بربادي کيس وحشت پُڻي تي لاهي وجھندي آهي، هنن جا هوش خطا ٿي ويندا آهن، هو نيم پاڳل بڻجي ويندا آهن، سندن انساني وصفون ختم ٿينديون وينديون آهن، جيئن ڪو جانور چريو ٿي پوندو آهي ته پوءِ جيڪو به آيو چاهي ماڻهو يا ٻيو جانور ان کي چَڪ پائي انهيءَ کي به چريو بڻائيندو آهي. انهيءَ پاڳل جانور جي گِگَ ۾ اهي خطرناڪ جراثيم موجود هوندا آهن جن کيس پاڳل بڻايو هوندو آهي، اهي جراثيم سندس پاڳل پن جي ڪري ٻين جانورن يا انسانن ۾ منتقل ٿي ويندا آهن، پوءِ ان جو صرف هڪڙو ئي حل هوندو آهي ته انهيءَ جانور کي ماري ڪٿي دفن ڪري ڇڏجي. اهڙي طرح انسانن منجھه جيڪي سُڪون جا متلاشي ٻين جو سُڪون برباد ڪرڻ ۾ پنهنجو سُڪون تلاش ڪن ٿا انهن جي ساڳي حالت هوندي آهي جيڪا ڪنهن پاڳل جانور جي هوندي آهي. هو پنهنجي انهيءَ چريائپ ۾ ٻين کي به چريو بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ اهڙي طرح معاشري ۾ اهڙن خَردماغن جو انگ وڌندو ويندو آهي.

انسان رُوح ۽ جسم جو سنگم ٿئي ٿو. انساني جسم زميني يعني هن مَٽيءَ جي پيداوار آهي، جنهن ڪري سندس خوراڪ به مَٽي ئي آهي. يعني مٽي جي پيداوار کي سندس خوراڪ بڻايو ويو. اهڙي طرح روح آسماني پيداوار آهي، جنهن ڪري کيس ضرورت به آسمانيءَ خوراڪ جي ئي هوندي آهي. انسان جو بدن ظاهر آهي، سندس هر چڱائي ۽ هر ضرورت به ظاهري ٿئي ٿي. روح نه ڏسي سگھجڻ وارو ، نه ڇُهي سگھجڻ وارو، نه چَکي سگھجڻ وارو ۽ نه ئي وري سِنگھي سگھجڻ وارو ٿئي ٿو ته ان جي هر ضرورت به سندس جيان ئي آهي. روح ۽ جسم جي هن سنگم حضرت انسان ۾ روح کي فوقيت حاصل آهي. انساني احساسات جن ۾ دِلي سُڪون به شامل آهي اهو روح جي ضرورت ۽ راحت لاءِ لازمي عنصر آهي. ان جي حاصلات لاءِ اسان کي رستو به آسماني وٺڻو پَوندو. قلبي سُڪون جو سودو سفا سستو آهي. اربين روپين جي پراپرٽين جا مالڪ، ڪَئي ڪَئي فيڪٽرين جا مالڪ، سوين نوڪر جن جي هيٺان ڪم ڪن ٿا، جن جي گھر جي هر هڪ فرد لاءِ الڳ الڳ امپورٽيڊ گاڏي آهي، ڪَئي ڪَئي بنگلن جا مالڪ، جن جي ٻاهر نڪرڻ سان هَٽو بَچو جو شور هجي ٿو، قانون جن جي در تي ٻانهون ٻڌي بيهي رهي ٿو، دولت جن جي باندي بڻجي هر وقت حاضر رهي ٿي، جن جي آڱر جي اشاري سان ماڻهن جا ڌڙ سِسِيُن کان ڌار ٿين ٿا، جن جي اڳيان پٺيان ماڻهن جو هڪ هجوم هلي ٿو، جن جي هر هڪ ادا تي شاعري ٿئي ٿي، جن جي هر ڳالھه کي قلمبند ڪيو وڃي ٿو، جن جي ڪاميابين جا قصيدا پڙهيا وڃن ٿا، جن جو رعب دلين تي دهشت طاري ڪري ٿو، جن جو گھمڻ ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ سڀ ايئرڪنڊيشنن ۾ هجي ٿو، جن جي سُونهن ۽ سندرتا تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا، جن جي هڪ جھلڪ پَسڻ لاءِ هر وقت ماڻهن جا ميڙ موجود رهن ٿا، جن کي دنيا ڪامياب جو خطاب ڏئي چُڪي آهي، دنيا جن کي پنهنجي مُٺ ۾ آهي، يقين ڪريو سي سڀ اندر ۾ کوکلا آهن، سڀ ڦڪي مُرڪ مُرڪن ٿا، سڀ مصنوعي کِل کِلن ٿا، سڀ ڏيکاءُ آهي، هڪ حسين فريب آهي. اگر ڪوئي انهن سان ويهي سندن اندر جو احوال وٺي ته اهي به دِلي سُڪون کان بلڪل خالي ملندا، اهڙا دنيا کي تسخير ڪرڻ وارا ماڻهو مِٺاڻ کائڻ لاءِ سِڪندي ڏٺاسين، اهڙا ماڻهو چڪناهٽ وارين ۽ چٽپٽي شين جي کائڻ لاءِ واجھائيندي ڏٺاسين، اهڙا ماڻهو ٻه ٻول سچائي تي ڪُسجندي ڏٺاسين، اهڙا ماڻهو پنهنجن جي ڪچهريءَ لاءِ تڙپندي ڏٺاسين، اهڙا ماڻهو رشتن جي پياس اجھائڻ لاءِ پل پل مرندي ڏٺاسين، اهڙن ماڻهن کي سُڪون ئي نصيب ڪونه ٿيندو آهي. هر وقت ڪنهن اچانڪ حملي جي خوف جي پاڇولي ۾ جيئڻ جا جتن ڪندا رهن ٿا. اهڙا ويچارا ماڻهو رات جو ننڊ ڪرڻ لاءِ به ننڊ جي گورين يا ڪنهن نشي واري شيءِ جو سهارو وٺن ٿا. اهڙا ماڻهو بيمارين جو ڀنڊار نظر ايندا يا اگر بيمارين کان بچيل هوندا ته به کين هروقت ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پَوڻ جو خوف هوندو، هر قدم ڦوڪي ڦوڪي رکندا آهن. الَّا جو صيغو لڳائي چند ماڻهن کي ان فهرست مان ڪڍجي ته هي دنياوي اعتبار سان ڪاميابي ماڻڻ وارا دِلي سُڪون جا حامل آهن ته به انهن جي قلبي سُڪون جو ڪارڻ ٻين کي راحت رسائڻ ئي ملندو، نه ته هوند اهي سڀ ڪَٺ پُتليون آهن.

باقي جيڪو ٻين ڪارڻ جيئي ٿو، ان جو هڪ مثال انهيءَ غريب هاري يا مزدور جو ئي ڪافي آهي جيڪو سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري حق حلال ڪمائي ٿو، جيڪو ڏيوس بنا خوف کائي وڃي، واهن، ٻنين جو گندو پاڻي ٻُڪ ڀري پِي وڃي، نه مٺاڻ کائڻ جي پرواھه نه چڪناهٽ جي ڪا پرواھه، نه ڪنهن اچانڪ حملي کان ڊڄي نه ڪو بيماري ۾ ڦاسجڻ جو ڪو وهم هوندو اٿس، نه اي سي نه پکي جي پرواھه ڪري، وڻ هيٺ ڇانوَ ۾ ئي سمهي رهي يا ڪکائين جھوپڙي ۾ سُڪون سان ويٺو ٻچڙن سان کيڏي، دوستن، مٽ مائٽن لاءِ وقت ئي وقت اٿس، سڄو ڏينهن ڪمائي رات جو گھر اچي رُکي سُکي کائي، آرس ڀڃي، لَت ڏئي اهڙي ته ننڊ ڪندو جو اها ننڊ شايد امير ماڻهن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نصيب ٿي هجي. جيڪي جسماني ضرورتن جو پورائو ڪرڻ لاءَ روحاني ضرورتن جي قرباني ڏين ٿا تن جي نه جسماني ضرورت پوري ٿي سگھندي ۽ نه ئي وري روحاني، پر اگر روحاني ضرورت جي پورائي لاءِ جسماني ضرورت قربان ڪرڻي پَوي ته اهو روحاني ضرورت جو پوري نه ٿيڻ جي مقابلي ۾ وڏو نقصان آهي. انسان کي اگر دِلي سُڪون گھرجي ته ٻين کي سُڪون رسائڻ جي ڪوشش ڪري انهيءَ سان ئي اصلي سُڪون ۽ راحت ملندي. ٻين جو سُڪون وڃائڻ سان اگر وقتي طور تي نفس کي راحت ملي وڃي ته به بعد ۾ پنهنجي ضمير ۽ روح لاءِ جنجال ڪرڻ جو سودو آهي. (ليکڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر آهي سندس تعلق ميهڙ سان آهي) aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو