ايڪسائيز پوليس جو ڇاپو، 1 مڻ چرس هٿ، جوابدار گرفتار

سکر(امداد علي ڪلوڙ ) ايڪسائيز پوليس روھڙي باءِ پاس تي ڪارروائي ڪندي پنجاب کان ايندڙ ٽرڪ مان ھڪ مڻ چرس ھٿ ڪري ھڪ جوابدار حضور بخش بروھي کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ايڪسائيز انسپيڪٽر قمرالدين جو چوڻ ھيو ته گجھو اطلاع ھيو ته پنجاب کان ايندڙ ٽرڪ ۾ منشيات موجود آھي جنھن بعد روھڙي باءِ پاس تي ناڪابندي ڪندي ڍڳن سان ڀريل ٽرڪ جي تلاشي دوران ھڪ مڻ چرس ھٿ ڪري ٽرڪ ڊرائيور جوابدار حضور بخش کي پڻ گرفتار ڪيو آھي جنھن جي وڌيڪ جاچ ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو