ايڪتا ڏهاڙو ۽ قومي مسئلا

تحرير گلشن سنڌو

سنڌ جي تهذيب 5 هزار سال قديم آهي ۽ سنڌي قوم اها قابل فخر قوم آهي جيڪا هن تهذيب جي وارث آهي موئن جي دڙي مان ملندڙ آثارن مان اهو واضع ٿئي ٿو ته 5هزار  سال اڳ به سنڌي هڪ سلجهيل ۽ مهذب قوم هئي بهادر هجڻ سان گڏ مهمانوازي هن قوم جو مرڪُ آهي سنڌي قوم پنهنجي تهذيب ثقافت تاريخ جي نه صرف محافظ آھي بلڪه ان جي بچاء ۾ هڪ محاذ به جوٽي سگهي ٿي هيء قوم  سگهاري قوم آهي ۽ سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن دودي دولھ ۽ ھوشوء جهڙا دلير پٽ ارپيا جن لولي ۽ ٻوليء خاطر نه صرف پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو بلڪه اسان کي به بهادرٿيڻ لاء اتساهيو انهن جي قربانين سبب اسان اڄ به زندھ قوم آهيون. سنڌو ماٿريء سان محبت ۽ صحبت رکندڙ اسان جا ماروئڙا پنهنجي ثقافت تهذيب تمدن قومي ماڳن سان دل و جان سان محبت ڪن ٿا ۽انهن جي شان ۽ مان ۾ ڪنهن قسم جي توهين کي برداشت نه ٿا ڪن اهو ئي سبب آهي ته ڪنهن به دشمن تهذيب يا ثقافت تي وار ڪرڻ جو سوچيو ته ان کي ٻڌي ايڪي ۽ اتحاد سان ڀرپور جواب ڏنو ويو جنهن جو مثال تاريخ جي ورقن تي فخر  ۽ سرهائيء جي قلم سان لکيو ويو اهڙي ئي جوش جذبي جو نتيجو آهي ته اسان هر سال ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا آھيون ته جيئن احساس ڏياري سگهون ته ٽوپيء تي اُڪريل شيشا صرف شيشا نه پر اسان جي محبت جوش جذبي جي روشنيء سان جرڪندا ۽ ٻهڪندا آهن اجرڪ ٽوپي پٽڪوکيس رلي ھي سڀ اسان جوڪلچر آهي  اسان جي ٻولي اسان جي رهڻي ڪهڻي زراعت آداب ريتون رسمون لوڪ گيت سهرا ڪوڏاڻاهي پڻ اسان جي ثقافت آهن اسان جي پوشاڪ تي ڀريل ڀرت اجرڪ تي چمڪندڙ ستارا ڄڻ ته ثقافت کي آب حيات بخشين ٿا. پنهنجي ڪلچر سان محبت اسان جو ايمان آهي هر سال ايڪتا ڏهاڙو ملهائي اسان پنهنجي ايمان کي تازو ڪندا آهيون سنڌ جي ڳلين گهٽين روڊن رستن تي نڪرندڙ ريليون اجرڪ ۽ ٽوپي جي ستارن سان جهرمر ڪندي ڀاسنديون آهن ريلين ۾ موجود ماڻهن وٽ جهنڊا ته مختلف هوندا آهن پر سندن مٿي تي ٽوپي ڪلهن تي اجرڪ سنڌ امڙ سان الفت چاهت جو اهڃاڻ هوندا آهن ايڪتا اتحاد جو اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي .جهڙي طرح اسان جي قوم ڪلچر ڏهاڙي ايڪي اتحاد جو ڀرپور مظاهرو ڪري ٿي اگر اها ئي ٻڌي قومي مسئلن جي حل لاء ھجي ته دشمن پنهنجي ڪابه غلطي دهرائي نه سگهي ٿر جي علائقي کي ڪوئلي جهڙو خزانو هجڻ باوجود اتان جا رهاڪو  سهولتن کان محروم آهن .ڪهڙي به حڪومت اقتدار ۾ هجي سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به سک جو ساه ناهي کنيو  سنڌ سان هميشه ماٽيجي ماء جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ڪڏهن سنڌ جي وحدت تي وارڪڏهن گورنر راج جو رينگٽ ڪڏهن بنگالين افغانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاء ڪڌا عمل ڪرڻ ڪڏهن سنڌي وسنديون مسمار ڪرڻ ته وري ڪڏهن سننڌ جي راڄڌانيء جي ٻيٽن “ڏنگي ۽ ڀنڍار” تي قبضه خوريء جي ڪوشش  ڄڻ ته سنڌي قوم کي ذهني ڏنڀ ڏيڻ جي مترادف آهي سنڌ کي زخم ڏيڻ واري لسٽ تمام وڏي آهي جنهن کي بار بار دهرايو وڃي ٿو هينئر وقت آهي سجاڳيء جو جذبن کي جاڳائي رکي دشمن جي منصوبن کي ناڪام بنائڻو آهي ان لاء ايڪو اتحاد اهو مضبوط هٿيار آهي جنهن سان دشمن کي شڪست جو منهن ڏيکاري سگهجي ٿو جيئن ڪلچر جي ڏينهن اديب  شاعر صحافي سياستدان چينل اخبارون  پريس ڪلب ۽ آرٽ ڪائونسل ۽ ٻين منعقد ڪيل تقريبات ۾  عام ماڻهوء  سميت سڀئي هڪ ئي پليٽ فارم تي نظر ايندا آهن ساڳيء ريت قومي مسئلن ۾ به ھم آواز هجڻ گهرجي ٻيٽن جي معاملي تي قوم پرست پارٽين پنهنجي پنهنجي طريقي سان احتجاج رڪارڊ ڪرايا پي پيء ٻيٽن جي مخالفت اهڙي طريقي سان ڪئي جيئن “نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي” . ڇا قومي مسئلن تي به احتجاج جو ڪو هڪ ڏينهن ڪا هڪ تاريخ نه ٿي رکي سگهجي جنهن تي سڄي سنڌ سندرو ٻڌي بيهي پنهنجي بقا ۽ ماڳ مڪانن جي حفاظت لاء به ھڪ هجي جيئن ثقافت جو هڪ ڏينهن آ جنهن تي سڄي سنڌ هڪ ٿي وڃي ٿي قومي مسئلن جي حل لاء به اهڙو ئي جگر رکڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو