ايڇ پي نئون طاقتور آل اِن وَن ڪمپيوٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه ليپ ٽاپ تي گهڻي توجهه ڏني پئي وڃي ته ٻئي طرف طاقتور آل ان ون ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر کي متعارف ڪرائڻ حيرت انگيز لڳي رهيو آهي. معروف ڪمپني ايڇ پي لاس ويگاس ۾ سي اي ايس نمائش ۾ پنهنجو نئون ڪمپيوٽر اينوي 32 اي آءِ او متعارف ڪرايو آهي جنهن سان گڏ 31.5 انچ جو 4 ڪي ڊسپلي به هوندو جڏهن ته ان جي اندر نيويڊا جي فورس آر ٽي ايڪس 2080 موجود آهي. اهو پهريون آن ان ون ڪمپيوٽر آهي جيڪو نيويڊا آر ٽي ايڪس اسٽوڊيو کان سرٽيفائيڊ آهي، يعني اهو آر ٽي ايڪس ڪور کي استعمال ڪري اپليڪشنز کي تيزي سان لوڊ ڪرڻ ۽ اي آءِ ورڪ لوڊ جي صلاحيت رکي ٿو. ان ڪمپيوٽر ۾ 65 واٽ انٽيل 9 جنريشن ڪور آءِ سيون پراسيسر، 32 جي بي ريم ۽ هڪ ٽي بي ايس ڊي اسٽوريج ڏنو ويو آهي. ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته ان ڪمپيوٽر ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو 4 ڪي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جيڪو لڳ ڀڳ بيزل ليس آهي ۽ اسڪرين ٽو باڊي ريشو 92.5 فيصد آهي. اهو دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر آهي جنهن ۾ ايڇ ڊي آر 600 ڊسپلي ڏنو ويو آهي. ان ۾ ڪجهه ڪم وارا فيچرز به ڏنا ويا آهن جيڪڏهن توهان آڊيو يا وائرليس چارجنگ جي خواهش رکو ٿا ته ڪمپيوٽر ۾ اها به سهولت موجود آهي. ڪمپني مطابق هي دنيا جو پهريون اهڙو ڪمپيوٽر ۽ دنيا جو لائوڊسٽ آل ان ون به آهي. ايڇ پي طرفان ڪمپيوٽر جي بيس کي وائرليس چارجنگ پيڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جيڪو ڪمپيوٽر بند ٿيڻ تي به ڪم ڪندو آهي. اهو ڪمپيوٽر هاڻي صارفين لاءِ دستياب آهي جيڪو ڪمپني جي ويب سائيٽ تي 16 سئو ڊالرن ۾ خريد ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو