ايپل 4 سالن بعد سستو فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل طرفان 4 سالن بعد گهٽ قيمت وارو فون مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪمپني طرفان سستو آءِ فون جي پروڊڪشن فيبروري کان شروع ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. بلومبرگ جي رپورٽ ۾ ان دعويٰ سان گڏ ٻڌايو ويو آهي ته اهو سستو آءِ فون مارچ ۾ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو. ان آءِ فون جي سائز 2017 جي 4.7 انچ جي آءِ فون 8 جهڙي هوندي، اپيل جو 2016 جي آءِ فون ايس اي کان پوءِ پهريون گهٽ قيمت وارو فون هوندو. آءِ فون ايس اي جي قيمت 399 ڊالر هئي ۽ هن نئين فون جي قيمت به ايتري رکي ويندي. هن فون ۾ 2019 جي آءِ فون جي کوڙ سارا فيچرز موجود هوندا جڏهن ته قيمت گهٽ رکڻ لاءِ سستي ايل سي ڊي ڊسپلي کي استعمال ڪيو ويندو. ان کان اڳ گذريل ڏينهن ۾ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ فون ايس اي 2 کي ممڪن طور آءِ فون 9 جو نالو ڏنو ويندو جنهن ۾ هوم بٽن ٽچ آءِ ڊي سان گڏ هوندو. اهڙي طرح اي 13 بائيونڪ پراسيسر سان فيس آءِ ڊي جو فيچر به ڏنو ويندو. آءِ فون 8 وانگي بيڪ تي 12 ميگا پڪسل جو سنگل ڪيمرا هوندو جڏهن ته فرنٽ تي به هڪ ڪيمرا ڏني ويندي. ان کان علاوهه 3 جي بي ريم سان گڏ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته اهو فون مارچ ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته ڪجهه سالن کان ايپل طرفان هڪ ايونٽ مارچ ۾ ڪرايو ويندو آهي جنهن ۾ مختلف اعلان ڪيا ويندا آهن. گذريل سال ايپل ٽي وي پلس ۽ ايپل ڪارڊ متعارف ڪرايو هو 2018 ۾ هڪ سستو آءِ پيڊ ۽ 2016 ۾ آءِ فون ايس اي کي پيش ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو