ايپل کي هڪ سئو تيرنهن ملين ڊالر هرجاڻي جو نوٽيس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجي موبائل فونز جي ڪارڪردگي سست ڪرڻ جي الزام عيوض 113 ملين آمريڪي ڊالر(85 ملين پائونڊ) هرجاڻو ادا ڪندي.اي ايف پي خابرو اداري موجب 33 آمريڪي رياستن دعويٰ ڪئي هئي ته ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل پراڻي موبائل فونز جي ڪارڪردگي ان لاءِ سست ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ان جا صارفين نوان  فون خريد ڪن. 2016 ۾ آءِ فون 7.6 ۽ ايس اي ماڊلز ۾ بيٽري جي مسئلن ۽ سست ڪارڪردگي جو اسڪينڊل سامهون آيو  هو جنهن سان لکين صارفين متاثر ٿيا هئا. ايپل طرفان 2016 ۾ آءِ فون 6، آءِ فون 7 ۽ ايس اي جي لاءِ سافٽ ويئر فيچر متعارف ڪرايو ويو هو جيڪو پراڻي آءِ فون جي ڪارڪردگي سست ڪري ڇڏيندو هو.اي ايف پي ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ايپل ان حوالي سان تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ان کان اڳ ڪمپني بيٽري لائف کي برقرار رکڻ جي لاءِ فونز کي سست ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪي هئي. ايپل تي هلندڙ سال مارچ ۾ به فونز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان 500 ملين آمريڪي ڊالر جو هرجاڻو لاڳو ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو