ايٽمي طاقت هوندي ٽي وي به نه ٿا ٺاهي سگهون؛ فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي جتي رهنمائي ڏيڻ گهرجي اُتي هو ناهن ڏيندا. هن چيو ته ڪائونسل تمام گهڻن معاملن تي ذميداري جو ثبوت ناهي ڏئي سگهي ڪائونسل جو نظام عوامي ٽيڪس تي هلي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب تي فواد چوڌري چيو ته مسلم ليگ ن اندر ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي ڪجهه ليگي اڳواڻ خواجه آصف کي ميٽنگ ۾ به گهرائڻ نه ٿا چاهن. فواد چوڌري اهو به چيو ته شهباز شريف کي واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻو آهي لڳي ٿو ته ان خلاف گمشدگي وارو اشتهار هلائڻو پوندو. تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان کي آخرڪار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي طرف اچڻو آهي منهنجي وزارت امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ لاءِ بجيٽ ۾ گهڻو اضافو ڪيو آهي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ فعال بڻائڻو آهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان اسان ايٽمي طاقت هجڻ باجود پنهنجي ٽي وي به نه ٺـاهي سگهيا آهيون ايندڙ سال سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، عقل ۽ منطق جا سال هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو