ايٽمي اثاثن جي حفاظت ۾ پاڪستان ڀارت کان بهتر آهي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايٽمي اثاثن جي تحفظ بابت کنيل قدمن ۾ ڀارت کان اڳتي نڪري ويو. آمريڪي اداري نيو ڪليئر ٿريٽ انيشي ايٽو (اين ٽي آءِ) جي رپورٽ موجب ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان سيڪيورٽي اينڊ ڪنٽرول ڪيٽيگري ۾ پاڻ کي تمام گهڻو وڌيڪ بهتر بنايو آهي. بهتر اپائن سبب پاڪستان جي درجه بندي ۾ 7 پوائنٽس جو اضافو ڪيو ويو آهي. رپورٽ تي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان پنهنجي ٽوئٽ ۾ تبصرو ڪندي ان جي ڀليڪار ڪئي آهي.

پاڪستان پلس 25 پوائنٽس حاصل ڪيا آهن جڏهن ته گلوبل نارمز ڪيٽيگري ۾ به پاڪستان جو پلس هڪ درجو وڌيو آهي.  اين ٽي آءِ انڊيڪس موجب ايدهي اثاثن جي تحفظ  ۾ پاڪستان جو 19هون ۽ ڀارت جو 20هون  نمبر آهي. جڏهن ته تنصيبات جي تحفظ ۾ 47 مان پاڪستان جو 33هون ۽ ڀارت جو 38هون نمبر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو