اينٽي ڪرپشن جي آفيسر جي ڪرپشن ڪيس ۾ گفتگو وائرل

ڪراچي اسپيشل (رپورٽ درياخان شر) ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر عرس زرداري تي رشوت عيوض ڊيل ڪرڻ جو الزام، فون تي جوابدار کي ايف آءِ آر نه داخل ڪرڻ لاءِ منٿون.وڏو پريشر آهي، منسٽر سان ڳالهايو، رڳو ايف آءِ آر نه ٿئي، باقي انڪوائري جو رخ موڙڻ اسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي سرڪاري آفيسر جي ڳالهه ٻولهه  جي آديو ڪلپ وائرل ٿي وئي. ريڪارڊنگ ۾ جوابدر ڌر کي منٿون ڪندڙ آفيسر ڪيس جو انڪوائري آفيسر عرس زرداري آهي، جيڪو جوابدارن کي چوي ٿو ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ جلدي مٿي ڳالهايو. اينٽي ڪرپشن پاران غيرقانوني ٽول ٽيڪس لڳائڻ تي ٺيڪيدار حاڪم جسڪاڻي ۽ ضلعي ڪائونسل ملير جي آفيسرن خلاف جاچ جاري آهي، جنهن جو انڪوائري آفيسر عرس زرداري آهي. عرس زراري تي الزام آهي ته هن ٺيڪيدار جي مينيجر سيد عطا حسين شاھ سان 20 لک رپين ۾ معاملا طئي ڪري 5 لک رشوت به ورتي، تنهن باوجود معاملا طئي نه ٿيڻ تي انڪوائري آفيسر جوابدارن کي مٿي معاملا طئي ڪرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي. مختلف وقتن تي ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ريڪارڊ ۾ سرڪاري آفيسر هڪ شخص کي چوي ٿو ته ادا مان مجبور آهيان، مونکي اوهان پيسا ڏنا آهن، اهو ته ٺيڪ آهي، پر جيترو جلدي ٿي سگهي، مٿان کان معاملا طئي ڪرايو، مونکي مٿان کان ڪال ڪرايو ته ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي. ريڪارڊنگ ۾ سرڪاري آفيسر چوي ٿو ته ضمير صاحب سان منهنجي هينئر به ڳالهه ٿي آهي، اهو به چوي ٿو ته مون تي مٿان کان فل پريشر آ ته ايف آءِ آر داخل ڪريان، فون تي سرڪاري آفيسر همراهه کي منٿون پيو ڪري ته مهرباني ڪري ڪٿان به ڪري منسٽر کي فون ڪرايو. سرڪاري آفيسر چوي ٿو ته ٽينڊر فارملٽي پوري ڪري پاس ڪيو ويو، ان ۾ ٻين حصو نه ورتو هو. همراهه چوي ٿو ته مان ڀلا ضمير صاحب سان ڳالهايان، جنهن تي سرڪاري آفيسر چوي ٿو ته ڀل ڳالهايو، پر منهنجو ذڪر نه اچي، جنهن تي ٻيو شخص چوي ٿو ته اوهان جو ذڪر نه ٿيندو، اوهان سان دوستي جو رستو آهي، مان پاڻ شرمنده ٿيان ٿو پيو ته هڪڙي اسان جي پنهنجي ايڏي وڏي ڊيل ٿي آ پيسن جي، انهن کانپوءِ پيسا به، 8، 10 لک رپيا به ويا، هي پيسا به مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، هر ڳالهه ضمانت منهنجي آهي، 20 لک رپيا وڏي ڳالهه ناهي، پر هاڻي ڳالهه اها آهي ته هن وقت پيسا به سڀ ڏيان مان، بعد ۾ ڪم به ٻيو ٿي وڃي، ابتو سبتو، پوءِ معنيٰ عزت نه رهندي نه، نه توهان جي رهندي نه منهنجي رهندي. واضح رهي ته پ پ اڳواڻ حاڪم جسڪاڻي جي ڀاءُ جي نالي تي رجسٽرڊ ڪمپني ضلعي ڪائونسل ملير مان کير ڏيندڙ جانورن کان ٽيڪس اوڳاڙي جو ٺيڪو حاصل ڪيو هو، پر هن عيد الاضحيٰ جي موقعي تي ڪراچي ايندڙ سمورن جانورن جي مد ۾ به ٽيڪس اوڳاڙيو، اينٽي ڪرپشن طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل ويو ته غيرقانوني ٽيڪس اوڳاڙي ذريعي هڪ ارب 10 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا، ان ڪيس جي جاچ جي ذميواري عرس زرداري حوالي ڪئي وئي. ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ حاڪم جسڪاڻي ۽ سندس ڀاءُ، مينيجر ۽ ضلعي ڪائونسل ملير جا آفيسر نامزد آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو