اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو روپوش جوابدار گرفتار

نواب شاھ (رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيس نواب شاھ پوليس خفيه اطلاع تي روپوش جوابدار فيض محمد بروھي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو . کيس سڀاڻي سکر جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو . سرڪل آفيسر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسد علي ڪورائي ۽ عبدالعزيز ڏاھري ٽيم سان گڏ سانگھڙ روڊ تي ڇاپو ھڻي روپوش جوابدار کي گرفتار ڪيو. واضح رھي ته گرفتار جوابدار تي فراڊ جو ڪيس سکر اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ مسمات ارشاد بيگم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو ۽ ان ڪيس ۾ جوابدار ڪورٽ ۾ پيش نه ٿي رھيو ھيو ۽ ڪورٽ پاران جوابدار جا وارنٽ ڪڍيا ويا ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو