ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته پگهر ڪنهن کي ٿو اچي، عمران خان

گلگت (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. 73 هين آزادي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي پيشاني تي پگهر پيو اچي. هاڻي منهنجو سڄو زور قانون جي بالادستي تي هوندو ۽ سمورن رياستي ادارن کي پاڻ ڏسندس ته جيئن طاقتور لُٽيرن کي قانون جي ماتحت آڻيون، وزيراعظم اپويشن پارٽيز جي بيانن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن وارن پهرين مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آئون بليڪ ميل نه ٿيس ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ تي بندوقون تاڻي ورتيون، ڦورن ۽ لُٽيرن جي ٽولي جو سڄو زور اِن تي آهي ته اسان دٻاءُ ۾ اچي اين آر او ڏيون، قوم کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته عمران خان ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪندو، هن چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ پاڪستان جيڪا پوزيشن ورتي، اُن تي سموري دُنيا جي سربراهن مبارڪن جا پيغام اُماڻيا، هاڻي وري هِي چون ٿا ته اسان خوف ۾ فيصلو ڪيو هو، جيڪي پاڻ کي جمهوري سياستدان سڏائين ٿا، اُنهن عدليه ۽ فوج جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جو منصوبو رٿيو آهي، لُٽيرن جي تنقيد مان ظاهر ٿيو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ آيس آءِ بابت منهنجي چونڊ ٺيڪ هئي، اُهي صحيح ماڻهو آهن ۽ هي اپوزيشن وارا ٺيڪ نه آهن. دنيا جي ڪجهه مسلمانن ملڪن جي حالت ڇا ٿي آهي، اسان جي فوج مضبوط نه هجي ها ته اسانجي ملڪ کي به نقصان پهچي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو