ايم ڪيو ايم لاءِ پيپلزپارٽي جي آڇ برقرار آهي؛ ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جا گهڻا اتحادي ان کان ناراض آهن ايم ڪيو ايم لاءِ پيپلزپارٽي جي آڇ هن وقت به برقرار آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم کي پيپلزپارٽي جي آڇ کان پوءِ اميد هئي ته وفاقي حڪومت پنهنجي اتحادين جا واعدا پورا ڪندي اسان وفاق کي ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي روڪيو. ياد رهي ته گذريل مهيني پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيو ايم کي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ساٿ ڏيڻ جي بدلي ۾ سنڌ ۾ وزارتن ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ حڪومت طرفان ايم ڪيو ايم سان رابطا ڪري ان جا مطالبا پورا ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. ايم ڪيو ايم جو وفاقي ڪابينا کان الڳ ٿيڻ تي ناصر شاهه چيو ته خالد مقبول صديقي سوچي سمجهي فيصلو ڪيو هوندو سياسي جماعتن ۾ مشاورت ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڏي رقم ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين جي ڪري ان جا اصلي ماڻهو پارٽي کي ڇڏي چڪا آهن ۽ سڀ اتحادي به ان کان ناراض آهن. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي ڪابينه کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت کان واعدو ڪيو هو ته حڪومت ٺاهڻ ۾ توهان جي مدد ڪنداسين اسان پنهنجو واعدو پورو ڪيو پر حڪومت پاران اسان جي ڪنهن به هڪ نڪتي تي عمل نه ڪيو ويو  آهي. وزارت جي ڪرسي تي ويهڻ سان ڪراچي جي عوام کي ڪو به فائدو ناهي مليو. خالد مقبول صديقي جي اعلان کان پوءِ تحريڪ انصاف به سرگرم ٿي وئي آهي ۽ حڪومتي ميمبرن ايم ڪيو ايم اسان هڪ دفعو ٻيهر رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن مطابق وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي بهترين ۽ بااعتماد اتحادي آهي ايم ڪيو ايم جا مطالبا جائز آهن انهن جي تحفظاتن کي ختم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو