ايم ڪيو ايم اڳواڻ عادل صديقي ڪورونا سبب فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير محمد عادل صديقي ڪورونا وائرس سبب نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. 57 سالن جي عادل صديقي بابت نجي اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو ڦڦڙن جي مرض ۾ به مبتلا هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل هو. خالد مقبول صديقي ۽ عامر خان سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 8 هزار ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2839 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ڪورونا ۾ مبتلا ٿيندڙن جو انگ 3 لک 98 هزار کان وڌي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو