ايم ڊي اي ۾ ملازمت لاءِ رڳو ڪراچي جو ڊوميسائل ڇو؟

ملير(درياخان شر) ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي  ۾ نوڪرين لاء گريڊ ھڪ کان ويندي گريڊ 15 جي سوين نوڪرين جي اشتھار  ۾  ٻٽو معيار رکندي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان منفي سوچ جي معيار سان سنڌ جي ھزارين بي روزگار نوجوانن جي روزگار جا ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ دروازا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته  سنڌ سرڪار يا ته  بي خبر يا روايتي ڪن لاٽار ڪري خاموش ٿي وئي آهي. سنڌ واسين  لاڳاپيل صوبائي وزير سيد ناصر شاھ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو