ايم پي اي پاران باهه متاثره ڳوٺ جو دورو، امداد تقسيم

راڻيپور)رپورٽ جاويد سولنگي ) راڻي پور پيپلزپارٽي ايم پي اي سيد احمد رضا شاھ جيلاني گذريل ڏينهن ڳوٺ نظر شر ۾ باهه دوران سڙي رک ٿيل گهرن جي متاثرين وٽ پهچي ويو. هن سڙي ويل گهرن جو معائنو ڪيو ۽ باھ متاثرين ۾ امدادي ڪيش رقم تقسيم ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائنيدي پي پي ايم پي اي سيد احمد رضا شاھ چيو ته ڳوٺ نظر شر ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب سڙي ويل گهرن جي متاثرين سان همدردي جو اظھار ڪيون ٿا سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪنداسين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي چيو آھي ته سڙي ويل گهر متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي پيپلزپارٽي هميشه غريب مسڪين مارئڙن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ تي يقين رکي ٿي اٽو لٽو اجهو ڏيڻ پيپلزپارٽي جي منشور ۾ شامل آھي جڏهن ته ايم پي اي باهه متاثرين ۾ مالي مدد طور 50 هزار ڪيش ڏنا ۽ اسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو ظفر عباس عباسي کي هدايتون ڏنيون ته باهه متاثرين جا مڪمل انگ اکر گڏ ڪري ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو وڃي ته جيئن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان خاص گرانٽ ڏياري وڃي ان موقعي تي سيد فراز حسين شاھ پي پي يوسي گڏيجي ڪائونسلر عبدالرزاق راڄپر امتياز ڀيلار۽ نور محمد ملاح ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو