ايمنسٽي اسڪيم 3 جولاءِ تائين واڌ، پگهار ۾ 10 سيڪڙواضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڄ ختم ٿيندڙ ايمنيسٽي اسڪيم جو مدو وفاقي سرڪار3 جولاءِ تائين وڌ ائي ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان وزيراعظم جي ناڻي بابت مشير رونيو منسٽر حماد اظهر سان گڏ پوسٽ بجٽ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن ٻڌايو ته بي نامي ملڪيتن لاءِ ڪميشن جوڙيون پيا ۽ جيڪو هن اسڪيم مان فائدو حاصل نه ڪندو ان خلاف ڪميشن ڪاروائي نه ڪندي. حفيظ شيخ چيو ته 3 جولاءِ تي بئنڪ ٽائم تائين ماڻهون اثاثا ظاهر ڪري سگهندا ان بعد واڌ نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته هن اسڪيم ۾ان هزارين ماڻهن فائدو ورتو آحي جنهن جا تفصيل ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪنداسين. حفيظ شيخ ٻڌايو ته ايڪسپورٽ تي ڪوبه ٽئڪس ناهي لڳايو ويو، ايف بي آر جو ٽئڪس ٽارگيٽ پورو ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه چارو ناهي. هُن چيو ته ماضي ۾ ورتل قرضن جو وياج ڀرڻو آهي، تنهن ڪري حڪومتي خرچ 50 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دوست ملڪن کان 9.2 ارب ڊالرز جي سهولت ملي آهي چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان ورتا، جڏهن ته قطر سان 3 ارب ڊالرز جو معاهدو ٿيو آهي، جِن مان 50 ڪروڙ ڊالرز ملي چڪا آهن. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حماد اظهر دعويٰ ڪئي ته 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائي ڇڏيو آهي، حڪومت لگرزري شين تي ٽئڪس وڌائي رهي آهي ۽ عوامي استعمال ۾ ايندڙ شين تي ٽئڪس گهٽائي رهيا آهيون. حڪومتي نمائندن ٻڌايو ته ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو 20 ارب ڊالر هو جيڪو 13.5 ارب ڊالر ڪيو آهي ۽ هن سال ان کي 7 ارب ڊالر ڪيو ويندو. حفيظ شيخ چيو ته گريڊ 20 کان مٿي وارن سول ۽ فوجي ملازمن جي پگهار ۾ ڪو اضافو نه ٿيندو، 17 کان 20 گريڊ تائين 5 سيڪڙو 1 کان 16 گريڊ وارن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته سوشل سيفٽي نيٽ جي رقم 100 ارب مان وڌائي 191 ارب ڪئي آهي ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن جي رليف لاءِ 200 ارب رکيا آهن. حماد اظهر ٻڌايو ته 10 سالن کان ماضي جون حڪومتون ايف بي آر جي ڊيٽا نادرا سان ڳنڍڻ لاءِ اعلان ڪندا رهيا اسان اهو ڪم 10 ڏينهن ۾ ڪيو آهي. هنن چيو ته پاڪستان جو امير طبقو پوري خطي جي اميرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٽيڪس ڀري ٿو انهن خلاف وڌيڪ ٽيڪس لڳايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو