ايمرجنسي طبي امداد لاءِ جيٽ سوٽ متعارف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ريگستاني، جابلو ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ ايمرجنسي ۾ طبي امداد پهچائڻ لاءِ برطانيه ۾ پيرا ميڊڪ جيٽ سوٽ متعارف ڪرايو ويو آهي. جيئن ته ڏورانهن علائقن ۾ طبي سهولتون ه هونديون آهن تنهن ڪري جيٽ سوٽ پيرا ميڊڪ ترت طبي امداد جو بهترين ذريعو ثابت ٿيندو. بي بي سي موجب برطانيه جي جابلو علائقي ۾ دنيا جي پهرين جيٽ سوٽ پيرا ميڊڪ سروس جو تجربو  ڪيو ويو آهي. جيٽ سوٽ سروس تيار ڪندڙ ڪمپني گريويٽي انڊسٽريز جو چوڻ آهي ته هي 6 ٽربائنز جي زور تي طبي ماهر کي هوا ۾ اڏام ڪري لاڳاپيل جاءِ تي پهچائيندو. ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته هي جيٽ سوٽ 5 کان 10 منٽن تائين وڌ کان وڌ 85 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانيه ۾ ان سروس جو تجربو ڪندڙ ٽيم جو  چوڻ آهي ته هي ڏورانهن علائقن جتي عام طور جلدي پهچڻ مشڪل هوندو آهي انهن علائقن ۾ ايمرجنسي جي صورت ترت امداد جو اهم ذريعو آهي ۽ ان سان ڪيتريون حياتيون بچائڻ ممڪن آهي. جتي اسان  کي پنڌ پهچڻ ۾ 25 منٽن جو وقت لڳندو آهي هن سروس جي ذريعي اسان اهو فاصلو 90 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري سگهون ٿا. هي فلائنگ ايمرجنسي رسپانس مريض وٽ پهچندي ئي ان جي حالت جي جانچ ڪرڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪندا ته هن کي ايئرلفٽ جي ذريعي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي يا نه ۽ هنکي موقعي تي طبي امداد به ڏئي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو