ايل جي جو سڀ کان وڌيڪ سستو 5 جي سمارٽ فون پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هلندڙ سال سمورين ڪمپنين طرفان گهٽ قيمت تي 5 جي سمارٽ فونز متعارف ڪرايا پيا وڃن ته جيئن صارفين تائين انهن جي رسائي ممڪن ٿي سگهي. ان ڊوڙ ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني ايل جي به شامل ٿي وئي آهي جنهن  سڀ کان وڌيڪ سستو 5 جي سمارٽ فون ڪي 92 متعارف ڪرايو آهي، حقيقت ۾ سام سنگ جي سستي ترين 5 جي فون گليگسي اي 42 کان به سستو آهي جنهنجي قيمت 349 برطانوي پائونڊ رکي وئي آهي. ايل جي کي اها ڪاميابي ڪوالڪوم جي ڪري ملي آهي. ڪي 92 موبائل فون ۾ سڀ کان 6 فائيو جي نيٽ ورڪ سپورٽ موجود آهي. ايل جي جي ان فون ۾ 6.7 انچ جو ايف ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ 2 ٽي بي تائين اضافو ايس ايس ڊي ڪارڊ سان ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان موبائل فون ۾ اسٽيريو اسپيڪرز ڏنا ويا آهن جنهن ۾ ڪمپني جو پنهنجو ٿري ڊي سائونڊ انجڻ موجود آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينز سائيڊ ۾ ڏنو ويو آهي جڏهن ته 4000 ايم اي ايڇ بيٽري ڊيوائس جو حصو آهي.فون جي بيڪ تي 4 ڪئميرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ 5 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ انفارميشن ۽ 2 ميگا پڪسل شوٽ ميڪرو سنسر ڊيوائس جو حصو آهي، فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪئميرا پنچ هول ڊيزائن سان گڏ ڏنو ويو آهي. اهو فون ايندڙ هفتي سڀ کان پهريان آمريڪا ۾  وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهنجي قيمت 395 ڊالرز (پاڪستاني رپين ۾ 63 هزار کان وڌيڪ مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو