ايل بي او ڊي ملازمن پاران ريگيولر ٿيڻ جي خوشي ۾ ريلي

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ايل بي او ڊي ڊرينيج ڊويزن شهيد بينظير آباد جي اڳواڻن امام علي رند، جان محمد رستماڻي، اعجاز علي ڪونڌر، نور الله زرداري ۽ ٻين سوين پورهيتن خوشي ۾ هڪ ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن چيو ته 24 سالن جو پُراڻو مسئلو سنڌ حڪومت حل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايل بي او ڊي جي 2601 ملازمن مان ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ 2174 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي ثمري منظور ڪئي وئي آهي جنهن مان ضلعي شهيد بينظير آباد ڊويزن نوابشاهه جي 588 ملازمن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هنن خوشي ۾ هڪ ٻئي کي مٺائي کارائي گلن جي ورکا ڪئي. هنن سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪي رهيل ملازمن آهن انهن جو به جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ايل بي او ڊي انجنيئر شهيد بينظير آباد عبدالستار ساريو کي پابند ڪيو وڃي ته اسان جو جلد آرڊر جاري ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو