’ايل بي او ڊي جون تباهيون، حڪومت مالڪي ڪري’

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون )ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين ‘ايل بي او ڊي’ واپڊا ۽ سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب سنڌ جي چئن ضلعن لاءِ تباهي جو سبب بڻجي ويو. عالمي بئنڪ جي قرض سان 1986ع ۾  LBODهي منصوبو شروع ٿيو جيڪو نامڪمل هئڻ سبب هڪ پاسي اربين روپيا ضايع ٿي ويا ته ٻئي پاسي بينظيرآباد، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين جي عوام لاءِ مستقل عذاب جو سبب بڻجي ويو آهي. هي پروجيڪٽ سنڌ پنجاب بارڊر کان گهوٽڪي ضلعي کان شروع ٿي سنڌو درياءَ جي ڱاٻي پاسي کان ٿيندو پراڻي ناري جي ڪيچ مينٽ ايريا سان ٿيندو سر ڪريڪ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻو هو. سنڌ جي سم ۽ ڪلر واري کاري پاڻي، صنعتي فُضلي وغيره جو پاڻي سمنڊ ۾ موڪلڻو هو جيڪو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو. سنڌ جي ٻين ضلعن جيان بدين به هن منصوبي سبب سخت متاثر ٿيو آهي. هن منصوبي موجب سنڌ ۾ 20ساڍا 49 لک ايڪڙ زمين کي فائدو ٿيڻو هو پر الٽو لکين ايڪڙ آباد زمين خراب ٿي وئي.

Photo Sindhyar

دراصل هن منصوبي جي ذريعي نواب شاھ،سانگھڙ ۽ ميرپور خاص کان زير زمين کاري پاڻي جي سطح گھٽ ڪرڻ لاءِ زمينن جو پاڻي مختلف ڊرينن جي ذريعي هن مرڪزي سم نالي ۾ وجھڻو هو پر هي منصوبو اڌ ۾ رهجي ويو سنڌ حڪومت مالڪي نه ڪئي، ڪرپٽ ۽ نااهل ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سبب هي منصوبو تباهي جو سبب بڻجي ويو. هن منصوبي تي ڪم جي ابتدا 1974ع ۾ ٿي، پر ڪم 1984ع کان شروع ٿيو۔ هي پراجيڪٽ  جيئن اڳيان وڌيو،هن جي ڊزائننگ جون غلطيون ظاهر ٿينديون ويون ۽ واپڊا جو ادارو پنهنجي غلطين کي لڪائڻ لاء لنڪ پراجيڪٽ ٺاهيندو ويو. هي پراجيڪٽ  8 ارب روپين جي شروعاتي بجيٽ جي مقابلي ۾ 60 ارب کان مٿي رقم خرچ ڪرڻ جي باوجود به لاڀ نه ڏئي سگهيو. ايل او بي ڊي نظام ۽ ان جو ٽائڊل لنڪ ڊرينيج جي حوالي سان تمام وڏا اسٽرڪچر آھن. ٽائڊل لنڪ 26 ڪلو ميٽر ڊگھو ۽ 92 فوٽ ويڪرو سم نالو آھي، جيڪو هن سموري نظام کي سمنڊ سان ملائي ٿو. جيڪڏهن ايل او بي ڊي کي قدرتي وهڪري ´´ڍورو پراڻ“ جي ذريعي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي ها جيڪو هزارن سالن کان فطري رستو آھي ته شايد هي لاڀ ڏئي ها،  پر ائين نه ڪيو ويو۔ نئين رستي لاء ٽيڪنيڪل پينل حقيقت جي بر عڪس فيصلو ڪندي هزارين ڪيوسڪ ( ايل بي او ڊي ڊرين جي ڪيپسٽي 2500 کان 4000 ڪيوسڪ آھي) بلڪل هوا جي سامهون سمنڊ ۾ ڪيئن ڊسچارج ڪري ٿو سگھجي ؟ مطالعي تحت هن نئين وهڪري کي ٽن حصن ۾ ٺاهڻو هو ، پهريون ڪڍڻ پتيجي آئوٽ فال ڊرين´ڪي پي او ڊي` ان کانپوء ´چولڙي ويئر` ۽ وري پوء ´ٽائڊل لنڪ` ۔ چولڙي ويئر مقامي رامسر سائيٽ جي ٻن وڏين ڍنڍن ´ نريڙي` ۽ ´جھبو` سميت ٻين ڍنڍن کي ذھن ۾ رکندي ڊيزائن ڪيو ويو هو .

Photo Sindhyar

هي لوھ ، اسٽيل ۽ سيمنٽ جي 1800 فوٽ ڊگھي ديوار هئي ۽ سمنڊ جي سطح کان ساڍا 4 فوٽ مٿي هئي. هي ديوار جڏهن پوڻا اٺ ڪروڙ  جي لاڳت سان  جولائي 1997ع ۾ تيار ٿي هئي ته هن لاءِ اهو چيو ويو هو ته ھي ديوار 20 سالن تائين قائم ۽ دائم رهندي پر 24 جون 1998ع جي رات هي ديوار هڪ زوردار ڌماڪي سان ڪري پئي  ۽ باقي جيڪو ٿورو حصو بچيو هو اهو 21 مئي 1999ع ۾ آيل طوفان ( سائيڪلون ) ۾ لڙھي ويو. ديوار ڪرڻ جي ڪري سمنڊ جو پاڻي ٽائڊل لنڪ کان پار ٿي ويو، تقريبن 54 جڳهن کان بند ٽٽي پيو ۽ علائقي کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيائين.2003ع ۽ 2011ع ۾ برساتن گھٽ نقصان ڏنو پر جيڪي ڪيترائي گھارا هن ٽائڊل لنڪ  جي وهڪري ۾ پيا انهن ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. 2003ع جي بربادي ۽ ٻوڏ ۾ 32 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون، 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڏي ويا ، ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻھو ٻن مهينن تائين بي گھر رهيا ۽ 50 هزار ايڪڙ کان به وڌيڪ زمين سمنڊ جي کاري پاڻي جي ڪري پنهنجي زرخيزي وڃائي ويٺي. هيڏي وڏي بربادي کانپوء سيپٽمبر 2004 ع ۾  مقامي ماڻھن طرفان ورلڊ بينڪ کي هڪ درخواست موڪلي وئي ته ´´ ايل بي او ڊي “جي پراجيڪٽ ۾ جيڪي عالمي بينڪ جي پاليسين جون خلاف ورزيون ڪيون ويون آھن ، ان تي تحقيقات ڪئي وڃي. ان درخواست تي 3 نومبر کان 6 نومبر 2004ع تائين اهلڪارن متاثر ٿيل ساحلي پٽي جو دورو ڪيو ۽ بورڊ کي مڪمل تحقيق جي سفارش ڪئي.

Photo Sindhyar

ان سفارش تي مئي 2005ع ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ هڪ سال بعد  جولائي 2006ع ۾ رپورٽ آئي جنهن ۾ چيو ويو ته  ´´عالمي بئنڪ پنهنجين پاليسين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ هن پراجيڪٽ کي قرض ڏنو. چولڙي ويئر جيڪا اڄ کان 21 سال اڳ ٽٽي ڪري پئي هئي اها 21 سال گذرڻ جي باوجود وري ٺھي نه سگهي. چولڙي ويئر جو ڪم اهو هو ته اها کاري پاڻي کي روڪي ها ۽ جڏهن سمنڊ لهي وچي ها جمع ڪيل پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي ها. هتان جي ساڃاهه وند ڌرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عالمي ماهرن سان گڏجي نئين سر اسٽڊي ڪري، ڪوتاهيون دور ڪري هن رٿا کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو