ايل اين جي ڪيس، مفتاح ۽ شيخ جو 11 ڏينهن جو رمانڊ

اسلام آباد(بيورورپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي مشير خزانه مفتاح اسماعيل ۽ ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق کي 11 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. ٻنهي کي 30 آگسٽ تي عدالت م ٻيهر پيس ڪرڻ جي هدايت. نيب ٻنهي کي ايل اين جي ڪيس ۾ 7 آگسٽ تي ضمانت م واڌ نه ٿيڻ تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو. نيب ٻنهي کي سومر تي عدالت م پيش ڪري ٻن هفتن لاءِ رمانڊ گهريو ته مفتاح جي وڪيل حيدر وحيد مخالفت ڪئي ۽ چيو ته سندس اصيل کي دل ۾ سوراخ آهي وڌيڪ حراست سبب زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هن ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي. هن چيو ته وڌيڪ ريٽ تي ٺيڪي جو الزام غلط آهي، گهٽ ريٽ بابت ڪو ثبوت ناهي، ٺيڪو هن ڏنو ئي ناهي. ان دوران مفتاح اسماعيل روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته نيب وارن کي چئو ته روز وٽس ڪلاڪ ٻه اچن، ڇو ته هو پنج منٽ ويهي هليا ٿا وڃن، اڌ ڪلاڪ واڪ لاءِ ملي ٿو 23 ڪلاڪ هڪ ڪمري ۾ پيو آهيان. سندس وڪيل چيو ته هن کان جاچ ٿي چڪي هاڻي نيب وارن سان دوستي ٿي وئي آهي ان لاءِ رمانڊ وٺن ته ڀلي. هن چيو ته هڪ سياسي جماعت خلاف انتقامي ڪاروائي جي چڪر ۾ هن کي گرفتار ڪيوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو