ايف 16 جنگي جهاز شڪر پڙيان ۾ ڪري تباهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فضائيه جو ايف 16 جنگ جهاز شڪر پڙيان ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو پائلٽ نعمان اڪرم شهيد ٿي ويو آهي. فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته علائقي کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي، ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. چنڊ ستاري لڳ جهنگ ۾ جهاز ڪري پيو. جاني نقصان بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو. 23 مارچ جي پريڊ جي ريهرسل دوران جهاز ڪري تباهه ٿيو.

هڪ انجڻ وارو جنگي جهاز آواز جي رفتار کان به تيز اڏام ڪندو آهي. ايف 16 فالڪن جنگي جهاز آمريڪا 1974 ۾ ٺاهيو هو ۽ 1978 ۾ ايئرفورس ۾ شامل ڪيو هو. هن جو وزن گهٽ پر فضا ۾ قلابازيون کائڻ ۽ هڪدم هيٺ مٿي وڃڻ جي صلاحيت وڌيڪ هئس. پهريون ڀيرو آمريڪا ويٽنام ۽ ڪوريا ۾ ان جو استعمال ڪيو. پاڪستان 1983 ۾ 45 جهاز خريد ڪيا هئا بعد ۾ پابندي لڳي هئي ۽ 2009 ۾ وري 14 جهاز خريد ڪيا. پاڪستان ۾ ايف 16 جنگي جهازن جو تعداد 68 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو