بيگم قاضي عيسيٰ جو ڪيس ۽ ايف بي آر جي چيئرمين جي وري تبديلي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ٽيڪ اوڳاڙيندڙ اداري ايف بي آر جي چيئرمين جي عهدي تان نوشين جاويد خان کي هٽائي محمد جاويد غني کي چارج ڏني آهي. جيڪو گريڊ 22 هين جو ڪسٽم سروس جو آفيسر آهي. کيس ٽن مهينن جي چارج ڏني وئي آهي يا وري جيسين نئون چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. هڪ سال اندر هي ٽيون چيئرمين مقرر ٿيو آهي. اڳ ۾ نجي شعبي مان شبر رضا زيدي کي مقرر ڪيو ويو هو جيڪو طبيعت جي خرابي سبب ڊگهي عرصي تائين موڪل تي هليو ويو ته نوشين جاويد خان کي عارضي طور مقرر ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ مستقل ڪيو ويو پر وري ان کي هٽائي محمد جاويد غني کي لڳايو ويو آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ جي بيگم کي ايف بي آر سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو ويو اهي جنهن بعد 2 مهينا اڳ مقرر ڪيل نوشين خانکي هٽائي عارضي بنياد تي نئون چيئرمين آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو