ايف اي ٽي ايف جي ڏنل وارننگ ۽ پاڪستان مٿان مڙھيل ذميواري – محمد اسماعيل لانگاھ

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس  (ايف اي ٽي ايف )  ٻه ڏينهن پهرين پاڪستان کي سوالنامن جي لسٽ وسيلي سخت وارننگ ڏيندي چيو آته اندرون ملڪ مدرسن جي قيام جا تفصيل ۽ انتهاپسند تنظيمن خلاف ٿيل ڪاروائين جا تفصيل فوري طور ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ کين بليڪ لسٽ قرار ڏنو ويندو هي هڪ اهڙو  ادارو آهي جنهن وسيلي ڪرپشن ذريعي ڪمايل ناڻو پرڏيھ موڪلڻ, دهشتگردن کي مالياتي طرح سپورٽ ڪرڻ جهڙي عملن خلاف ڪم ڪندو اچي ٿو هن  قیام جو  فیصلو 30 سال پهرين جی سیون (G-7) ملڪن پاران  1989ع دوران  فرانس منعقد ڪيو  ويو ان اجلاس ۾  مختلف ملڪن ڳالهيون ۽ معاهدا طئي ڪيا ويا شروع ۾ ايف اي ٽي ايف جي ميمبر ملڪن جو انگ 16 هو 

ان جي انعقاد بعد جی سیون اتحاد جي  ميمبرن جو تعداد 16 مان وڌي  39 تائين پهچايو ويو ایف  اي ٽي  ایف جي رڪن ملڪن جو تعداد 39 آهي جنهن مان 37 ملڪ ۽  2 علاقائي تعاون جون تنظمیون  شامل آهن ان کان علاوه  اس کے علاوہ ایف اي ٽي ایف سان  8 علاقائي تنظیمون به ڳنڍيل آهن

پاڪستان ایف اي ٽي  ایف سان وابستا ایشیا پئسيفڪ گروپ جو حصو آهي  ۽ایف اي ٽي ايف سڌو سنئون  کی براہِ راست هاڻي  180 ملڪن تائين هن کي ڦھلايو ويو آهي

ایف اي ٽي ایف هڪ ٽاسڪ فورس آهي جيڪو حڪومتن  جي گڏيل صلاح مصلحت سان جوڙي وئي ٽاسڪ فورس جو قيام  ۽ انجي جوڙجڪ جو اصل مقصد ملڪن مان ٿيندڙ مني لانڊرنگ جي روڪٿام آهي 9/11 واقعي کانپوء دهشگردي خلاف روڪٿام وري مهم کانپوء ايف اي ٽي ايف وسيلي اهو طئي ڪيو ويو ته دهشگردي کي اندورني طرح ٿيندڙ فنڊن جي فراهمي لاء جوڳا انتظام ڪيا وڃن جنهن کانپوء آڪٽومبر 2001ع ۾  ايف اي ٽي ايف جي  بنيادي مقصدن جي پيش نظر  منی لانڊرنگ سان گڏوگڏ دهشت گردي جي مالي امداد کي به شامل ڪيو ويو 

اهڙي طرح اپريل 2012ع ميمبر ملڪن هن پليٽ جي مقصدن جي پيروي خاطر وڏي پئماني تي دهشگردي سان گڏوگڏ هٿيارن جي خريداري ۽ ان لاء مختص ٿيل رقمن جي ڇنڊڇاڻ ۽ جانچ جي ذميواري به ايف اي ٽي ايف کي سونپي وئي جوڙيل ٽاسڪ فورس پنهنجي ايجنڊا تي ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪم ڪندي رهي آهي ۽ ھن فورس ۾ مختلف ملڪن جا تجربيڪار فرد به شامل ٿيل آهن جيڪي مني لانڊرنگ ٿيڻ جي ڄاڻ  دهشتگردي کي روڪڻ جي مهارت رکندڙ هُجن ٽاسڪ فورس جي موجودہ صدر شیالگمن لوڪا جو  تعلق هيئنر  چین سان آهي جيڪو  ایف اي ٽي ایف جو صدر بڻجڻ  کان پهرين  چین جي  مرڪزي بئنڪ ۾  مني لانڊرنگ ۽ دھشت گردي جي فنڊن جي روڪٿام متعلق قائم ٿيل شعبي جو سربراه پڻ هو. شیالگمن چین ۾ پيسي جي غیر قانوني نقل ۽ ڏي وٺ جي حوالي سان پڻ گهڻو تجربو رکندڙ آهي ۽ ایف اي ٽي ایف مني لانڊرنگ ؤ دھشت گردن جي مالي امداد جي حوالي سان دنیا اندر گڏيل طور قائدن ۽ قانونن تي عمل ڪرائڻ جون ذميواريون پڻ کڻي چُڪي آھي هن  فورس جي ڪوشش سان دنيا جي ڪنهن به ملڪ اندر ڪرپشن ذريعي  ڪمايل ناڻو غير قانوني طور ٻين ملڪن ۾  موڪلڻ ۽ جمع ڪرڻ وارين غير قانوني قدمن کي بند ڪيو وڃي ۽ ڪوبه ملڪ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي غير قانوني طريقي سان ناڻو جمع نه ڪري سگهي ۽ 

ایف اي ٽي ایف جي وجود جي پهرين سال ۾ تمام تيز ترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پنهنجي تجويزن جو پهريون مسودو سن 1990ع تيار ڪري ورتو  اهڙي ريت سن  1996ع. 2001ع .2003ع .2012ع ۾ ٻيون تجويزون به پڻ ڏئي چُڪي آهي۽ هيئنر ایف اي ٽي ایف طرفان پاکستان اڳيان جيڪي  شرط ۽ سوالناما ڏنا ۽ مختلف شعبن ۾ پيش رفت جون وارننگ ڏنيون آهن اهو صرف ڪنهن هڪ اداري جو ڪم ناهي هن حوالي سان پارلیامينٽ, حڪومت، عدلیہ، قانون نافذ ڪندڙ هر اداري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو, ۽  پاڪستان حڪومت کي ايف اي ٽي ايف جي ڏنل تڪڙي وارننگ تي قانون سازي جوڙي پاليسي پڻ واضع ڪرڻي آهي ایف اي ٽي ایف جي ڏنل شرطن کي هڪ قدر ته پاڪستان مخالف نه سمجهڻ کپي ڇو ته اندروني طرح سابقه حڪومتن ۽ سياستدانن طرفان ملڪي ناڻي کي ڪهڙن طريقن سان بيرون ملڪ ٽرانسفر ڪيو ۽ پاڪستان ورلڊ ٽريڊ سينٽر ٽاورن تي ٿيل حملن کانپوء دهشگردي خلاف ڪيتريون ذميواريون نڀايون آهن اهو هن ٽاسڪ فورس پليٽ فارم تي پيش ڪرڻو آهي جيڪڏهن ايف اي ٽي ايف جي مطالبن تي پاڪستان جلد عمل پيرا رهي ٿو ته هن سان معیشت کي دستاویزي بڻائڻ ۾ مدد ملندي  قانوني ڏي وٺ ۾ اضافو ٽیڪسن جي وصولي به بهتر رهندي  سڀ کان وڌيڪ  دهشت گردن جي  مالي معاونت ۽  سھولت ڪاري کي ٻنجو اچڻ سان ملڪ ۾ ترقي جي شرح ۾ واڌ ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي

تازو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاران پاڪستان حڪومت کي 150 سوالن جي هڪ لسٽ فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کين هدايتون ڏنيون ويون آهن جنهن جو جواب پاڪستان انتظاميه کي  8 جنوري تائين جمع ڪرائڻا آهن ان کان پهرين به 3 ڊسمبر تي پاڪستان حڪومت ڪُجھ جواب پڻ اماڻيا ويا هئا, کين ٻيهر ٻُڌائڻو آهي ته پاڪستان اندر انتهاپسندن خلاف ڪيتري قدر ڪاروايون ٿيون ۽ ٿيڻيون آهن۽ غير رجسٽرڊ يا رجسٽرڊ  مدرسن بابت ڪيتري قدر قانونسازي تي عمل ڪيو ويو آهي,مدرسن بابت ٿيل تازي قانون سازي ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ٿيل ڪاروائي جي ڪيسن جا ڪاغذات پيش ڪرڻا آهن ۽ فيبروري ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ گري لسٽ مان نالو ڪڍرائڻ لاء حڪومت ڪيتري قدر سنجيده ڪوششون وٺي ساک بهتر بڻائڻ جا جتن ڪندي سن 80 واري ڏهاڪي کانپوء هونئن ئي پاڪستان مٿان دهشگردي ڦھلائڻ غير رجسٽرڊ مدرسن ۾ واڌ ۽ انتهاپسندن جي حمايت جا الزام لڳندا رهيا آهن جنهن خلاف پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن ڪيتري قدر ڪاروائيون ڪيون آهن هيئنر ايف اي ٽي ايف اداري جي وارننگ بعد رهيل ذميوارين کي ڪيتري قدر ادا ڪرڻو آهي اهو ايندڙ اجلاس کان اڳ ئي بندوبست ڪري وڃڻ کپي باقي بيروني طرح پاڪستان سان ٿيندڙ سڄڻپائي وارو وقت نظر نٿو اچي

پهنجو تبصرو موڪليو