ايف اي ٽي ايف جي ضرورت، سينيٽ مان به ٻئي بل منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به حڪومت اڪثريت راءِ سان فنانشل ٽاسڪ فورس جي ضرورٽن کي پورو ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ۽ سلامتي ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن وارا بل منظور ڪرائي ورتا. قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد عباسي دهشتگرد ايڪٽ ۽ پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعواڻ قومي سلامتي ايڪٽ ۾ ترميم جا بل پيش ڪيا، پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن بل منظور ڪرائي پاڪستان کي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، سينيٽ اڄ ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ مصطفيٰ نواز کوکر ترميم بابت تجويز ڏني ته رحمان ملڪ چيو ته جڏهن بل پاس ڪرڻو آهي ته پوءِ کير ۾ ڦونگڻي ڇو ٿا وجهو جنهن تي ٻنهي پيپلز پارٽي جي سينيٽرن ۾ ٿوري گرما گرمي به ٿي. ان کان اڳ اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ بل ويا ته رضا رباني ۽ فاروق نائڪ به ان جي حمايت ڪئي. ياد رهي ته قومي اسمبلي هي ترميمي بل اڳ ۾ ئي پاس ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو