ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ملتوي ٿيڻ، پاڪستان لاءِ ڌچڪو

لاهور (وب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اڳوڻي اوپنر بيٽسمين مدثر نظر چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿيڻ پاڪستاني ڪرڪٽ کي وڏو ڌچڪو آهي. هن چيو ته آءِ پي ايل متحده عرب امارات ۾ ٿي رهي آهي پر ڪرڪٽ جي دنيا جا ٻه وڏا ايونٽ ملتوي ٿيڻ سان پاڪستان کي نقصان ٿيندو، ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب اڳ ۾ ايشين ڪرڪيٽ  ڪائونسل ايشيا ڪپ 2020 ملتوي ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد گذريل هفتي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به ملتوي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ايونٽس جي نه هجڻ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو مالي طور تي وڏو نقصان ٿيندو ۽ ان جا اثر ڊولپمينٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي نظر ايندا. مدثر نظر جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي ۽ اي سي سي طرفان جيڪي به فنڊ ملندا آهن اهي ڊولپمينٽ جي لاءِ ملندا آهن هاڻي فنڊز يا ته ملندا ڪونه يا گهٽ ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو